اسلام آباد( اعزاز سيد+ آصف بشير چوڌري ) آزاد ڪشمير جي موجوده صورتحال، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداريءَ وچ ۾ شروع ٿيل لفظي جنگ، ان جنگ جو ڇا نتيجو نڪرندو، ۽ انهن جي ان ويڙهه جا آزاد ڪشمير توڙي پاڪستان جي سياست تي ڪهڙا اثر پوندا؟توهان کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ هر وقت ڪو نه ڪو بحران هلندو ئي رهندو آهي، پر ان وقت سڀ کان وڏو ۽ گرم موضوع آزاد ڪشمير جي اليڪشن جو آهي. اسان سڀني پارليامينٽ جي بجيٽ اجلاس ۾ به ڏٺو هو ته پيپلز پارٽي ڪيئن ناراض هئي. اجلاس به دير سان شروع ٿيو، بلاول ڪجهه ڳالهين تي مڃي ئي نه پيو، پوءِ کيس محسن نقوي، عليم خان ۽ انهن جي ساٿين پرچايو پوءِ گلگت بلتستان جي چونڊن کانپوءِ به هڪ تڪرار شروع ٿيو هو، پر هاڻي آزاد ڪشمير جي چونڊن جي پهرين مرحلي جي نتيجن کانپوءِ سياسي بيان بازيءَ ۾ تمام گهڻي شدت اچي وئي آهي. ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ کانپوءِ ته کل به اچي ٿي ۽ روئڻ به! گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ پي ٽي آئي سان جيڪو ڪجهه ٿيو، اها هڪ کليل ڪتاب آهي. پي ٽي آئي کي الئڪشن ۾ حصو ئي وٺڻ نه ڏنو ويو، جذبات ۾ اچي بلاول 2024ع جي ان چونڊ ڌانڌليءَ (فارم 47) کي به مڃي ورتو، جنهن جو رڙيون اڄ تائين پي ٽي آءِ ڪري رهي هئي! بلاول چيو ته نون ليگ وٽ مينڊيٽ ئي ناهي، اهي فارم 47 وارا ماڻهو آهن ان کانپوءِ مريم بي بي ٽوئيٽ ڪيو ته پيپلز پارٽي بارِيڪ وارداتن جي ماسٽر آهي، بلاول ۽ پي پي اڳواڻن هي مڃي ورتو ته 2024ع واري جنهن حڪومت ۾ اهي ۽ نون ليگ گڏ آهن، اها فارم 47 واري خيرات هئي! پر انهن اها ڳالهه نه ٻڌائي ته ان خيراتي مينڊيٽ جي تحت صدرِ پاڪستان ڪير بڻيو؟ گورنر ڪير بڻيا؟ ان تي اهي خاموش آهن!ايوانِ صدر ۾ آصف زرداري ويٺل آهي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پي پي جي حڪومت آهي، جي بي ۾ به سندن حڪومت آهي پيپلز پارٽي فارم 47 تي رڙيون ڪري ٿي، پر تازو ئي ڪراچيءَ جي ميئر واري اليڪشن ۾ 32 ميمبر ڪيئن اغوا ٿي ويا هئا؟ ڇا ڪراچي جي ميئر واري سيٽ تي پيپلز پارٽي جو ڪو اخلاقي يا قانوني جواز ٺهي ٿو؟ اسان جي سياستدانن جو مسئلو اهو آهي ته جڏهن هو طاقتور ماڻهن سان "هڪ پيج” تي هوندا آهن، تڏهن جيڪو به غلط ڪم ٿئي، ان کي پنهنجو حق سمجھندا آهن. پر جڏهن ان مان فائدو ٻي پارٽيءَ کي ٿئي، تڏهن کين اصول، قانون ۽ ڌانڌليون ياد اچي وينديون آهن.جيڪڏهن بلاول ڀٽو پنهنجي بيان ۾ مخلص آهي، ته پوءِ سندس بنيادي مطالبو اهو هجڻ گهرجي ها ته "ڇو ته هي فارم 47 جو مينڊيٽ آهي، تنهنڪري اسان صدارت ۽ گورنرشپ تان استعيفا ڏيون ٿا ۽ اپوزيشن ۾ ويهنداسين.” پر هو ته فارم 47 واري حڪومت مان پنهنجو حصو به وٺي رهيا آهن، حڪومتي بينچن تي به ويٺا آهن ۽ تنقيد به ڪري رهيا آهن،جي بي ۽ آزاد ڪشمير ۾ جنهن طريقي سان چونڊون ٿيون آهن، ان کانپوءِ ڌانڌليءَ جو رڙيون ڪرڻ هڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي. ٻئي پاسي عام ڪشميري ڏسي رهيو آهي ته اتي ماڻهو مارجي رهيا آهن، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروسز بند آهن، دوائن ۽ خوراڪ جي سپلائي بند آهي، پر هتي اسلام آباد ۾ حڪمران پارٽيون اقتدار جي ورهاست لاءِ نورا ڪشتي ڪري رهيون آهن!