حيدرآباد (رپورٽر) تانيا خاصخيلي قتل ڪيس فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، مانجهند ۾ قتل ٿيل تانيا خاصخيلي جي ڀيڻ دعا خاصخيلي سيوهڻ جي عدالتي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، تانيا خاصخيلي قتل ڪيس ۾ جوابدارن کي وڌيڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سندس ڀيڻ دعا خاصخيلي سيوهڻ جي عدالت جي فيصلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ چئلينج ڪيو، دعا خاصخيلي سيوھڻ جي عدالت پاران جوابدار خان محمد نوحاڻي کي عمر قيد جي سزا، ھڪ جوابدار کي بري ۽ ٻئي کي اشتھاري قرار ڏيڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو، دعا خاصخيلي وڪيل غلام فاروق عباسي معرفت سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار خان محمد عرف خانو کي ڦاهي جي سزا ڏني وڃي، جوابدار علي کي رول موجب سزا ڏني وڃي ۽ 5 سالن کان روپوش جوابدار مولا بخش کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.