ڪنٽونمينٽ بورڊ طرفان پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي غيرقانوني قرار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪنٽونمينٽ بورڊ پاران پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي کي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ ڪنٽونمينٽ بورڊ جيڪو ٽيڪس ورتو آهي اهو رهواسين کي واپس ڪري، عدالت ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل جي استدعا تي فيصلي کي 30 ڏينهن تائين معطل ڪري ڇڏيو، درخواستگذار پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته 18هين ترميم کانپوءِ پراپرٽي ٽيڪس جي وصولي کان روڪيو وڃي، آئين جي آرٽيڪل جي تحت ڪنٽونمينٽ بورڊ پراپرٽي ٽيڪس وصول نٿي ڪري سگهي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي وڪيل چيو ته مهلت ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.