لاهور جي واپارين پاران به اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مشورو

لاهور ( م ڊ ) ڪراچي کانپوءِ لاهور جي واپارين به اليڪشن ملتوي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو. انجمن تاجران مجاهد مقصود بٽ جي صدارت هيٺ  اجلاس ٿيو. جنهن ۾ لاهور جي مختلف بازارن جي صدرن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ واپاري برادري کي درپيش مسئلن ۽ ملڪي معيشت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپاري برادري اسٽاڪ ايڪسچينج جي بلند ترين سطح تي پهچڻ جي آجيان ڪئي. صدر انجمن تاجران مجاهد مقصود بٽ چيو ته آرمي چيف ۽ نگران حڪومت جي قدمن سبب ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، قوم چونڊون نه پر سستي بجلي، سستو پيٽرول ۽ سستو اٽو چاهي ٿي. ذريعن موجب ڪراچي جي واپارين جي وفد وزيراعظم سان سندس تازي ڪراچي دوري جي موقعي تي سنڌ ڪلب ۾ ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ واپاري انوارالحق ڪاڪڙ کي اليڪشن نه ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو هو، واپاري اهو به مطالبو ڪيو ته اسان جا جذبا ٻين اسٽيڪ هولڊرز تائين پهچايا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.