چونڊون ملتوي ٿيون ته ذميوار پي ٽي آءِ هوندي: ملڪ احمد خان

لاهور ( م ڊ ) ن ليگ اڳواڻ ملڪ احمد خان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چونڊون ملتوي ٿيون ته ان جي ذميوار تحريڪ انصاف هوندي. ميڊيا  سان ڳالهائيندي ملڪ احمد خان چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن روڪڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، پي ٽي آءِ چونڊن کان ڀڄي رهي آهي، اڳ پي ٽي آءِ چوندي رهي ته چونڊون ڪرايون وڃن، هاڻي آر اوز جي مقرري تي اعتراض آهي.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي صوابديد تي آر اوز لڳائي سگهي ٿي، آر اوز جي نوٽيفڪيشن کانپوءِ شيڊول اچڻ ۽ ٻيون شيون ٽائيم لائين سان ٿي رهيون هيون. ملڪ احمد خان وڌيڪ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن کي شفاف اليڪشن ڪرائڻ جو مينڊيٽ حاصل آهي، اليڪشن ڪميشن ڪنهن کي به مدد لاءِ سڏ ڪري سگهي ٿي. هن جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي شخصيتن خلاف مهم شروع ڪئي وئي، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا آئين کي پامال ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.