ڪراچي ۾ گهر خالي ڪرائڻ تان پورهيت جوڙي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي ڪورنگي اڍائي نمبر ۾ گهر خالي ڪرائڻ تي پورهيت جوڙي  محمد جميل ولد محمد قاسم ۽ سندس  زال مسڪان زال محمد جميل پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، سڙي ويل عورت ۽ مڙس کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي محمد جميل زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو، سندس زال حالت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌئي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب جوڙي معاشي پريشاني سبب انتهائي قدم کنيو،علائقي واسين جو چوڻ آهي ته گهر جي مالڪ ڪرايو نه ڏيڻ تي گهر خالي ڪرڻ جو چيو، جنهن تي ٻنهي پاڻ کي باهه ڏني. پوليس گهر جي مالڪ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي. فوتي جي ماءُ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ منشيات واپرائيندو هو، گذريل ڏينهن پوليس کيس پڪڙي پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد آزاد ڪيو هو، فوتي جي ڀيڻ جو چوڻ آهي ته اها گھر مالڪ جي غلطي آهي جنهن اوچتو گهر خالي ڪرڻ لاءِ چيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.