سنڌ ڄائو اڪبر يوسف دائودپوٽو آمريڪي سينيٽ لاءِ مضبوط اميدوار

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي شاعر، اديب ۽ سابق سينيٽر يوسف شاھين جو پٽ اڪبر يوسف دائودپوٽو آمريڪي  سينيٽ لاءِ مضبوط اميدوار طور اڀري آيو آھي. ھن جا آمريڪا جي صدر جو بائيڊن جي ٽن صلاحڪارن انٽرويو ڪيا ۽ کيس ٻڌايو تھ آمريڪا جو صدر جو بائيڊن 12 ڊسمبر اڱاري ڏينھن تي صبح جو 8 وڳي توھان سان ھڪ منٽ لاءِ ڳالھائيندو. جڏھن تھ آمريڪا جو صدر اڍائي منٽن تائين ساڻس ڳالھائيندو رھيو. کيس ڏاڍي گرمجوشي سان مبارڪون ڏنائين ۽ چيائين تھ توھان پھريان پاڪستاني آمريڪي سينيٽر ٿيندا. آمريڪا جي صدر اڪبر دائودپوٽو کي 13 فيبروري 2024ع تي ويلنٽائن ڊي جي موقعي تي وائيٽ ھائوس اچڻ جي دعوت بھ ڏني. اڪبر دائودپوٽو آمريڪي شھري آھي جيڪو اتي گذريل 32 سالن کان ھوسٽن ۾ رھي ٿو. ھو اتي ريڊيو ۽ ٽي وي جو اينڪرپرسن پڻ رھي چڪو آھي جنھن شاھھ رخ خان، ايشوريا راءِ، اميتاڀ بچن، سنجي ڪمار، نصيرالدين شاھھ، انور مقصود، طارق عزيز ۽ ٻين ڪيترين ئي مشھور شخصيتن جا انٽرويو ڪيا. عمران خان جڏھن وزيراعظم ھو ۽ ھن ڪشمير لاءِ خصوصي پيغام ڏنو جيڪو اڪبر دائودپوٽو جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. جنھن تي عمران خان فون ڪري اڪبر دائودپوٽو جا ٿورا بھ مڃيا. اڪبر ڀارت جي ناليواري اداڪار اميتاڀ بچن جو وڏو فين آھي. آمريڪا جي صدر جي ڳالھھ ٻولھھ کانپوءِ  فوري طور اميتاڀ بچن اڪبر کان فون ڪري پڇيو تھ ”ڇڪا مار ديا؟“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.