اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان ۽ افغانستان حڪومتن جي وفدن ۾ ٽي ٽي پي کي ڪنٽرول ڪرڻ بابت هڪ ٽئين ملڪ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، نامياري صحافي اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته افغان حڪومت ٽي پي پي وارن کي پاڪستنا مان ڪڍي افغانستان ۾ آباد ڪرڻ لاءِ 20 ارب رپيا ڏنا وڃن،نامياري صحافي عمر چيمه جو چوڻ آهي ته 20 ارب رپيا وڏي رقم نه آهي سودو سستو آهي، اعزاز سيد جو چوڻ هو ته اسٽيبلشمينٽ انهن ڳالهين ۽ مطالبا مڃڻ جي حق ۾ نه آهي، اعزاز سيد جو چوڻ آهي ته هر 15 ڏينهن بعد ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان دوران ڊيرا اسماعيل خان ۾ جيڪا سنگين دهشتگردڪارروائي ٿي آهي ان مان محسوس ٿئي ٿو ته افغان حڪومت ڊبل گيم ڪري رهي آهي ۽ تحريڪ جهاد پاڪستان نالي سان طالبان جي تنظيم اڳيان آندي آهي ڏسڻو آهي ته مستقبل ۾ ڪهڙو فيصلو ڪيو وڃي ٿو.