لاهور (عوامي آواز نيوز) فوجي ڪورٽن ۾ سويلين جا ڪيس هلائڻ وارو فيصلو غير معمولي آهي، ان جو مطلب آهي ته عمران خان جو ملٽري ٽرائيل ٿيڻ وڃي رهيو آهي ان جو رستو صاف ٿي ويو آهي، نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته 9 مئي تي هڪ رٿابندي تحت 238 فوجي هنڌن تي منظم طريقي سان حملا ڪيا ويا هئا. رٿابندي هئي ته اداري جي اندران به ڪجهه آفيسر ساٿ ڏيندا ۽ آرمي چيف خلاف بغاوت ٿي ويندي. ان ڪري 9 مئي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ عمل ڪندڙن سان ڪابه رعايت نه ٿيندي، جن گرفتار ماڻهن جا فوجي ڪورٽن ۾ ڪيس هلندا اهي ئي بيان ڏيندا ته کين حملن جي هدايت ڪنهن ڪئي هئي. ان ڪري عدالتي فيصلو انتهائي اهم آهي.