حيدرآباد ۾ وڪيل اتحاد پاران سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف ريلي

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين جي نيلامي واري فيصلي خلاف حيدرآباد وڪيل اتحاد جي سڏ تي وڪيلن هاءِ ڪورٽ کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان  موقعي تي ايڊووڪيٽ ذوالفقار ٿيٻو، ايڊووڪيٽ عبدالستار سرڪي، ايڊووڪيٽ اندرجيت لوهاڻو، ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري  ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي 52 هزار ايڪڙ زمين نيلام ڪري ڌرتي ڌڻين جي پيرن هيٺان زمين کسي پئي وڃي، هي هڪ قانوني ۽ سياسي مسئلو آھي، جنهن خلاف وڪيل برادري ان جي قانوني رستا روڪ ڪندي، لاهور ۾ به اهڙي حرڪت ڪئي وئي هئي، پر لاهور هاءِ ڪورٽ ان فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو هو، حيدرآباد جا وڪيل ان خلاف مڪمل تياري ڪري ان فيصلي خلاف پٽيشن داخل ڪندا، هنن چيو ته سڀني صوبي جي ماڻھن کي برابري واري بنياد تي حق ڏنا وڃن، اسين اهڙي ڪنهن به فيصلي کي نٿا تسليم ڪيون، جيڪو سنڌ جي ماڻهن جي خلاف هجي، جڏھن ته اهڙي فيصلي کي پنجاب صوبو رد ڪري چڪو آھي، سنڌ جي زمين خلاف ڏنل فيصلو واپس نه ورتو ويو ته جلد ئي هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ جي جنرل باڊي جو اجلاس گهرائي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.