پ پ پاران اميدوارن کان انٽرويوز وٺڻ شروع

ڪراچي(رپورٽر) پ پ جي سنڌ بابت  پارلياماني بورڊ  ايندڙ عام چونڊن لاءِ نامزدگي حاصل ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويوز وٺڻ شروع ڪري  ڇڏيا آهن، بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب پارلياماني بورڊ جو اهم اجلاس ڪالهه بلاول هائوس ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت پ پ عورت ونگ جي صدر فريال ٽالپر ڪئي، اجلاس ۾ سيد قائم علي شاهه، مراد علي شاهه، نثار کهڙو شازيا مري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، پارلياماني بورڊ ڪراچي ڊويزن جي ملير، ڪياماڙي ۽ ڪراچي اولهه ضلعن جي اميدوارن کان انٽرويوز ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.