سنڌ سرڪار پارن شاهراهه فيصل ۽ چوڪنڊي قبرستان جي سونهن وڌائڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ حڪومت شاهراهه فيصل کي خوبصورت بڻائڻ ۽ چوڪنڊي قبرستان جي سونهن وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي  نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت وزيراعلي هائوس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾  شاهراهه فيصل ۽ چوڪنڊي قبرستان جي سونهن وڌائڻ ۽ ايئرپورٽ سامهون بلڊر پاران ٺاهيل فلڪناز جي ٽن عمارتن جي مرمت ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جنهن جي شروعات 6 ڏينهن اندر ٿي ويندي جڏهن ته آرڪيٽيڪٽن پاران شاهراهه فيصل (ايئرپورٽ کان ريجنٽ پلازا) جي خوبصورتي جو پلان تيار ڪيو ويندو. اجلاس ۾ نگران وڏي وزير چيو  ته آرڪيٽيڪٽن کي ڏنل هدايتن ۾ ڊيزائن جي معيار، ناليواريون نشانيون، ڪنٽينٽ روٽيشن، روشنين جو ڪم، سار سنڀال ۽ ڪميونٽي ڪم شامل آهن. نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته چوڪنڊي قبرستان 25.04 ايڪڙ تي ٻڌل آهي جنهن مان 68.34 ايڪڙ اضافي زمين بائونڊري والز جي اندر آهي. ان کي وڌائڻ سان چوڪنڊي قبرستان جي ٽوٽل ايراضي 93.38 ايڪڙ زمين ٿيندي. نگران وڏي وزير آرڪيٽيڪٽ جي صلاحڪارن جي مشوري تي ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو جنگ شاهي پٿر جي ڪمپائونڊ وال ۽ قبرستان جي بينچن ۽ ٻين لاڳاپيل يادگارن جي تعمير لاءِ بندوبست ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.