لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي ڪورٽن ۾ سويلين جا ڪيس هلائڻ بابت سماعت دوران جسٽس جواد ايس خواجا کي پنهنجو ئي فيصلو ڳچيءَ پئجي ويو، نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته جڏهن جسٽس جواد ايس خواجا شنوائي دوران بئنچ جي سربراهي ڪندڙ جسٽس سردار طارق مسعود کي چيو ته اوهان تي مون اعتراض ڪيو آهي ان ڪري بئنچ ۾ نه ويهو. جواب ۾ جسٽس سردار طارق مسعود هڪدم جسٽس جواد ايس خواجه کي سندس فيصلو ڏيکاريو جنهن ۾ جسٽس جواد ايس خواجا لکيو هو ته بئنچ ۾ ويهڻ يا نه ويهڻ جو صوابديد جج جو آهي. جسٽس جواد ايس خواجا اهو فيصلو تڏهن ڏنو هو جڏهن اڳوڻو چيف جسٽس افتخار چوڌري پنهنجي پٽ جو ڪيس ٻڌي رهيو هو ۽ وڪيلن اعتراض ڪيو هو. جسٽس سردار طارق مسعود جي ان حوالي ڏيڻ بعد سينيئر وڪيل ۽ جسٽس جواد ايس خواجه لا جواب ٿي خاموش ٿي ويا.