ڪراچي (رپورٽر) انساني حقن بابت نگران صوبائي وزير محمد عمر چيو آهي ته فاطمه ڪيس بابت کُلي نه ٿو ڳالهائي سگهان، ان مامري کي گهرو کاتو ڏسي رهيو آهي، ڊي اين اي رپورٽ پڌري ٿي آهي، اها گهرو کاتي جي ذميواري آهي. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران انساني حقن لاءِ سنڌ اسيمبلي کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ نگراني وزير عمر سومرو، انساني حقن جي سيڪريٽري تحسين فاطمه، سيڪريٽري قانون ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري، چيئرمين هيومن رائيٽس ڪميشن، ڊپٽي سيڪريٽري هيومن رائيٽس، تنظيمن جي اڳواڻن سميت ٻين کاتن سان تعلق رکندڙ مردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي قانون ۽ انساني حقن جي نگران صوبائي وزير عمر سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نگران حڪومت جو ڪم شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي ۽ اسان اها ذميواري پوري ڪنداسين. عمر سومرو وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم هيومن رائٽس ڊپارٽمينٽ جو وقار بلند ڪرڻ آهي، هيومن رائيٽس ڊپارٽمينٽ جو ڪمپلين سيل ٺاهيو آهي ۽ ڪال سينٽر کي به بهتر ڪيو آهي، انساني حقن واري وزير چيو ته جيڪو غزا ۾ ٿي رهيو آهي ان جو مثال ڪٿي نٿو ملي.