فاطمه قتل ڪيس: ڊي اين اي سيمپل جي مس هينڊلنگ جو خدشو

ڪراچي ( م ڊ )  جي پيرن جي حويل ۾ مارجي ويل معصوم فاطمه جي قتل ڪيس جي جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي اين اي سيمپل جي  مس هيندلنگ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد موجب جاچ ۾ واضح ٿيو ته فاطمه جا نمونا پهريان ڊي اين اي ليب ڄامشورو منتقل ڪيا ويا، ڊي سيل ڪري پروسيس جو عمل شروع ڪيو ويو، پوءِ نمونن کي آءِ سي سي بي ايس ڏانهن موڪلڻ جو چيو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر وحيد چيو ته نمونن جي منتقلي کي مس هيندلنگ چئي سگهجي ٿو، نمونن مان مليل نتيجن کي شڪي ماڻهن سان ملايو ويندو. واضح رهي ته هلندڙ سال آگسٽ ۾ راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ ڪم ڪندڙ 10 ورهين جي فاطمه مبينا تشدد سبب فوت ٿي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.