پي ايس ڊبليو طرفان ڊريپ جي اي سروسز جي مرحلي وار شروعات

ڪراچي (پ ر) پاڪستان ۾ دواسازي جي صنعت ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ تاريخي قدم سامهون اچي ويو، پاڪستان سنگل ونڊو (پي ايس ڊبليو) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) جي سهڪار سان دواساز ادارن، درآمد ڪندڙن، صحت جي تنظيمن ۽ تيار ڪيل دوائن جي درآمدن ۾ شامل امدادي تنظيمن جي ڪاروبار ۾ آساني، شفافيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني موجوده ادارن، انهن جي لائسنسز ۽ انهن جي رجسٽريشن کي ڪاميابي سان پي ايس ڊبليو جي پليٽ فارم ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي ۽ مختلف سروسز جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.
ان مرحلي ۾ پي ايس ڊبليو اسپتالن/اين جي اوز ۽ ٻين تنظيمن طرفان درآمد ڪئي ويندڙ غير رجسٽرڊ عطيو ڪيل دوائن لاءِ جاري ڪيل رليز آرڊر سان گڏ سڀني قسمن جي دوائن جا درآمدي لائسنسز اليڪٽرانڪ جمع ڪرائڻ ۽ جاري ڪرائڻ لاءِ ڊجيٽل خدمتون فراهم ڪندو، اهي خدمتون پي ايس ڊبليو پليٽ فارم تي جنوري 2024 کان دستياب هونديون ۽ اميد ڪئي پئي وڃي ته ان تبديلي سان دوائن جي درآمد جو عمل تيز ٿيندو، جنهن سام مريضن ۽ ضرورتمندن تائين دوائن جي پهچ جلد ٿي سگهندي.
ان حوالي سان پي ايس ڊبليو طرفن هڪ ويبينار ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊرگ امپورٽ لائسنس هولڊرز، ڊرگ مينوفيڪچرنگ لائسنس هولڊرز، ڪسٽم ايجنٽس، چيمبرز ۽ مختلف واپاري ۽ فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشنز جي ميمبرن کي ان نئين طريقي ڪار بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي ته جيئن ڊجيٽل سسٽم ۾ منتقلي يقيني بڻائي سگهجي. ويبينار ۾ شرڪت ڪندڙن کي پي ايس ڊبليو اختيارين پي ايس ڊبليو پورٽل ذريعي ڊرگ امپورٽ لائسنس جون درخواستون مڪمل ڪرڻ ۽ جاري ڪرڻ جو طريقو ڏيکاريو ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي مختلف تجويزن ۽ سوالن جو به جواب ڏنو.
ويبينار دوران شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏيندي ڊومين آفيسر عمير محمود چيو ته پي ايس ڊبليو سسٽم ۾ ڊرگ امپورٽ لائسنس ۽ عطيو ٿيل غير رجسٽرڊ دوائن جي رليز آرڊرن کي ضم ڪرڻ ڊريپ جي واپاري عمل کي جديد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان قدم سان دوا ساز ڪمپنين ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ادارن کي فائدو پهچندو ۽ پاڪستان ۾ مريضن لاءِ ضروري دوائن جي وقت سر پهچ يقيني بڻجندي. پي ايس ڊبليو کي ان اهم قدم لاءِ ڊريپ جو پارٽنر هجڻ تي فخر آهي.
ويبينار ۾ شرڪت ڪندڙن فعال طور حصو ورتو، جنهن ۾ نه رڳو انهن جي خدشن کي ختم ڪيو ويو پر سوئچ اوور جي مختلف پهلوئن کي واضح ڪرڻ ۾ به ويبينار فائديمند ثابت ٿيو.
پي ايس ڊبليو پليٽ فارم ۾ ڊريپ جو انضمام هڪ اهم سنگ ميل جي نشاندهي ڪري ٿو، ڊريپ ۽ پي ايس ڊبليو وچ ۾ ڀائيواري کي 11 نومبر 2022 ۾ اسلام آباد ۾ صحيح ٿيل ايم او يو ذريعي باقاعدي شڪل ڏني وئي.
ان اسٽريٽيجڪ پارٽنرشپ جو مقصد ڊريپ جي سرحد پار واپار بابت عمل کي اليڪٽرانڪ طور تي پي ايس ڊبليو پليٽ فارم سان جوڙڻ آهي ته جيئن سموريون لاڳاپيل خدمتون هڪ ئي ڊجيٽل پليٽ فارم تي فراهم ڪري سگهجن ۽ ڪليئرنس جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ تيز ڪري سگهجي. پي ايس ڊبليو هڪ گڏيل ڊجيٽل پليٽ فارم آهي، جيڪو واپار ۽ چرپر سان جڙيل ڌرين کي معياري ڄاڻ ۽ دستاويزن کي سنگل انٽري پوائنٽ سان داخل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو ته جيئن درآمد، برآمد ۽ ٽرانزٽ بابت ريگيوليٽري گهرجن کي پورو ڪري سگهجي.
ان جو مقصد پاڪستان جي سرحد پار واپار کي ڊجيٽلائيز ڪري ڪاغذ تي ٻڌل دستاويزن کي ختم ڪري ڪاروبار ڪرڻ جي وقت ۽ لاڳت کي گهٽ ڪرڻ آهي.
پي ايس ڊبليو هڪ اهڙو ڊجيٽل پليٽ فارم آهي، جيڪو پاڪستان جي واپاري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ڪسٽم ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين جي سرحد پار واپار بابت طريقي ڪار کي پاڻمرادو بڻائيندو ۽ ان سان گڏ انضمام ڪري واپار کي وڌيڪ تيز، پهچ جوڳو ۽ بجيٽ کي ٺيڪ بڻائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.