سائفر ڪيس ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سائفر ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ٿي ويو.
پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ٻڌايو، جڏهن ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي جا اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور ۽ ذوالفقار عباس نقوي عدالت ۾ پيش ٿيا، پي ٽي آءِ باني جو وڪيل عثمان گل ۽ شاهه محمود قريشي جو وڪيل بئريسٽر تيمور ملڪ پيش ٿيا.
جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ سائفر ڪيس جو باقاعدي طور ٽرائل اڊيالا جيل ۾ شروع ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.