انتقام نٿو چاهيان پر حساب وٺڻ ته ٺهي ٿو: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته انتقام نٿو چاهيان پر مون سان جيڪو ٿيو، ان جو حساب ته ٿيڻ گهرجي، ڇو ته قوم سان زيادتي ڪندڙن کي معاف نٿو ڪري سگهان.
لاهور ۾ پارٽي جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته الله پاڪ مون کي ڪوڙن ڪيسن مان آجو ڪيو آهي، ڇو ته منهنجي خلاف جعلي ڪيس اسان جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا هئا.
هن چيو ته مان ڇا بگاڙيو هو ان بئنچ جو، جنهن مون کي سسيلين مافيا چيو، ڇا جج ڪڏهن سسيلين مافيا، گاڊ فادر جهڙا لفظ استعمال ڪندا آهن، مون کي فرد طور سزا ملي پر اصل سزا ته 25 ڪروڙ عوام کي ملي.
سندس چوڻ هو ته مان ڪڏهن جنرل باجوا، جنرل فيض يا جنرل راحيل خلاف سازش نه ڪئي پر سازش ۾ ڪير ڪير ملوث هو، انهن جي سڀني کي خبر هجڻ گهرجي، پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي يقين هو ته مان بي ڏوهه آهيان، اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو جيڪو دنيا ۾ مذاق بڻيو، جيڪي ڏک مليا انهن جو ڪو ازالو آهي؟
نواز شريف چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ جي سڀ کان وڏي عدالت لڳندي، عوام جي جي آءِ ٽي ٺهندي، مون کي انتقام ناهي وٺڻو پر جيڪو ڪجهه مون سان ٿيو، ان تي حساب ٿيڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.