فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل روڪڻ جو فيصلو معطل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سويلينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو معطل ڪندي فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل جاري رکڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ جسٽس امين الدين خان، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت تي ٻڌل 6 رڪني لارجر بئنچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا بئنچ جي سربراهه جسٽس سردار طارق تي اعتراض ڪيو هو، جنهن تي جسٽس طارق بئنچ کان ڌار ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس طارق ڌرين جي وڪيلن کان سوال ڪيو ته توهان کي نوٽيس ڪيو آهي ڪنهن؟ جنهن تي اعتزاز احسن چيو ته نوٽيس کان اڳ ججن تي اعتراض ٿئي ته ان تي دليل ٿيندا آهن، ان تي اٽارني جنرل چيو ته ڌرين جي وڪيلن جو اعتراض بي بنياد آهي، اڳ ۾ ميرٽس تي ڪيس ٻڌو، نوٽيس کانپوءِ اعتراض اٿاري سگهجي ٿو.
جسٽس طارق وڪيلن کان سوال ڪيو ته ڪنهن اعتراض ڪيو آهي؟ ان تي سلمان اڪرم راجا چيو ته اعتراض جواد ايس خواجا ڪيو آهي، جسٽس طارق جواب ڏنو ته جواد ايس خواجا جو پنهنجو فيصلو آهي ته جج جي مرضي آهي، هو اعتراض تي بئنچ کان الڳ ٿئي يا نه ٿئي، مان نٿو ٿيان بئنچ کان ڌار، ڇا ڪندئو؟
لطيف کوسا چيو ته توهان ويهي اسان جي اعتراض باوجود ڪيس ٻڌي رهيا آهيو، ان تي جسٽس طارق چيو ته ڇا بيهي ڪيس جي ٻڌڻي ڪيون؟
اٽارني جنرل چيو جڏهن نوٽيس ناهي ته اعتراض ڪيئن ٻڌي سگهجي ٿو؟ جنهن اعتراض ڪيو اهو پاڻ ته عدالت ۾ ناهي، بهتر آ ته پهريان بئنچ اپيلن تي ٻڌڻي ڪري.
جسٽس طارق چيو ته فوجداري ڪيسن ۾ به ڪو فيصلو ٻي ڌر کي نوٽيس ڪرڻ بنا معطل ناهي ٿيندو، اڃا فيصلو معطل ناهي ٿيو ۽ نوٽيس بنا نٿو ٿي سگهي.
سلمان اڪرم راجا دليلن ۾ چيو ته عدالت ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو اسان کي ٻڌڻ بنا معطل نٿي ڪري سگهي.
جسٽس طارق چيو ته ٻن لائنن ۾ هڪ قانون جي سڄي سيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل معطل ڪرڻ جي حڪم تي منع نامو ڏيڻ جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو ٿوري دير سان ٻڌايو.
عدالت سويلينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جو 23 آڪٽوبر جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، جيڪو عدالت پنج هڪ تان ٻڌايو.
6 رڪني بئنچ مان جسٽس مسرت هلالي 5 ججن جي فيصلي سان اختلاف ڪيو.
عدالت چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيلن تي فيصلي تائين 102 گرفتار ماڻهن جي ٽرائل جو حتمي فيصلو نه ڪيو ويندو ۽ فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو حتمي فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان مشروط هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.