حيدرآباد (پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته جنھن طرف نگاهه وجهون ٿا ان طرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي پوري زور سان پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، صدين کان آباد غريب ڪوهستاني عوام جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين تازو ڪوهستان ۾ ڌارين جي لوڌ کي گهرائي آباد ڪرڻ جي گهري سازش ٿي رهي آهي. نگران سرڪار ڌارين ماڻهن کي ڪوهستان جي وسيلن جو مالڪ بڻائڻ چاهي ٿي، سرمائيدار طبقو روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪوهستان واسين جي هزارين ايڪڙ زمينن جا جعلي کاتا ٺاهي وڪري ڪري رهيا آهن. ان طريقي سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي تنگ ڪري زمين جي مالڪي تان بي دخل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سنڌ هاري ڪميٽي ان سازش کي ڪنهن به طرح سان ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، آبادگارن جي مسلسل مظاهرن ڌرڻن ۽ ريلين جي باوجود سرڪاري اگهه تي ڀاڻ مهيا نه پيو ڪرڻ ڏنو وڃي .