ڊي آءِ خان حملي تي پاڪستان جو افغانستان سان احتجاج

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان ڊي آءِ خان ۾ دهشتگردي تي افغان ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري سخت احتجاج رڪارڊ  ڪرايو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حملي جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت کي سخت ڊيمارچ  پيش ڪيو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل دهشتگرد گروپ تحريڪ جهاد پاڪستان قبول ڪئي آهي، حملي ۾ 23 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس موجب افغان ناظم الامور کي چيو ويو ته افغان عبوري حڪومت کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي ته تازي حملي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.