ڪراچي ۾ اربين رپين جي پاڻي چوري پڪڙي پئي، 22 فوٽ اونهي خندق هٿ

ڪراچي ( م ڊ )  ڪراچي ۾ ٽي هٽي پل جي هيٺان ڪارروائي ڪندي اربين رپين جي پاڻي جي چوري پڪڙي وئي آهي. ڪراچي واٽر ڪارپوريشن پاران ٽي هٽي پل جي هيٺان آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران  22 فوٽ اونهي خندق هٿ آئي. چيف آپريٽنگ آفيسر اسد الله خان جو چوڻ آهي ته ريڪسر لائين ۾ پل جي هيٺان لياري کي پاڻي فراهمي ڪندڙ لائين مان پاڻي چوري ٿي رهيو هو. هن چيو ته لياري کي پاڻي پهچائڻ لاءِ 2007ع ۾ 33 انچ قطر واري لائين وڇائي وئي، لياري جي عوام جو روزانو 50 لک گيلن پاڻي چوري ڪيو پئي ويو. هن چيو ته 33 انچ قطر واري لائين مان 8 انچ جا 4 ڪنيڪشن ڪڍيا ويا هئا.

  • سوئي سدرن گئس جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) سوئي ناردرن کانپوءِ سوئي سدرن به گئس جي اگهن ۾ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب سوئي سدرن پهرين جولاءِ کان گئس جي اگهن ۾ 226 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي. آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ذريعن موجب سوئي سدرن گئس جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي آهي، جيڪا هلندڙ مالي سال جي روينيو گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڏني وئي آهي. ذريعن موجب سوئي سدرن کي هلندڙ مالي سال 47 ارب 77 ڪروڙ رپين جي روينيو شارٽ فال جو اندازو آهي، بلوچستان ۾ روينيو شارٽ فال 95 رپيا 40 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو جو اندازو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن لاڳت جي مد ۾ 150 رپيا 67 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو گهريو ويو آهي. اوگرا ذريعن موجب سوئي سدرن جي درخواست جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ٿيندي، سوئي سدرن جي موجوده سراسري گئس جي قيمت 1470 رپيا 21 پئسا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، جڏهن ته ڪمپني نئين سراسري قيمت 1696 رپيا 39 پيسا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

  • سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪلفٽن ۾ حددخليون هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر) ڪلفٽن بلاڪ 2 ۾ حد دخليون نه ھٽائڻ تي ڪي ايم سي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس نديم اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته توھان کي پنھنجي صلاحيت ۽ دائري جي به خبر ناھي، اھو عدالت جو ڪم ناھي ته ٻڌائي تہ توھان جو ڪم ڇا آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪلفٽن واري علائقي مان حددخليون هٽائڻ لاءِ معظم سولنگي جي داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار  جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته علائقي جي فُٽ پاٿن ۽ روڊن تي، ڊينٽنگ پينٽنگ وارن ۽ چانهه وارن قبضو ڪري ورتو آهي، عام شهرين جي اچ وڃ ۾ پريشانيون پيش اچي رھيون آھن، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪلفٽن ۾ حد دخليون هٽائڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ ڪي ڊي اي جي وڪيل ٻڌايو ته حدخلين خلاف ڪارروائي ڪي ايم سي جي ذميواري آهي، ڪي ڊي اي جو تعلق ناهي، جسٽس نديم اختر چيو ته توهان کي پنهنجي صلاحيت ۽ دائري جي به خبر ناهي،  اهو عدالت جو ڪم ناهي ته ٻڌائي ته توهان جو ڪم  ڇا آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.