قمبر ڀرسان جيءُ جهوريندڙ واقعو، ٻوڏ متاثرن جي خيمي کي باهه، 3 ٻارڙا فوت، 3 ڄڻا زخمي

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر ڀرسان جيءُ جهوريندڙ واقعو، ٻوڏ متاثر خاندان جي خيمي کي باهه، 3 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا، ڳوٺ رب رکيو لاکو ۾ جيءُ جهوريندڙ واقعو پيش آيو، جتي ٻوڏ متاثر خاندان رشيد  کوسو جي خيمي کي ميڻ بتي مان باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب ٽي ٻارڙا ست ورهين جي صحت خاتون، چئن ورهين جو امير کوسو ۽ ٻن مهينن جي معصوم ٻارڙي چاهت خاتون سڙي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽي ڄڻا رشيد کوسو، نصيبان خاتون ۽ شبيران خاتون سڙي زخمي ٿي پيا ، گھر ۾ پيل الهھ تلھه به سڙي رک ٿي ويو، پورهيت رشيد کوسو چيو ته گذريل برساتن کانپوءِ گهر ڊهي پٽ پئجي ويو هو حڪومت سکڻا آسرا ڏنا، غربت سبب گهر ٺهرائي نه سگهيس خيمي اندر رهڻ تي مجبور هئا سين باهه ۾ منهنجا ٻچڙا سڙي رک ٿي ويا، هانءُ ڏاريندڙ واقعي تي سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميا سميت چونڊيل نمائندن مان ڪوبه هڏ ڏوکي ٿي ڏک ۾ شريڪ نه ٿيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.