لاهور (عوامي آواز نيوز) ڊيرا اسماعيل خان ۾ سنگين دهشتگردي واقعي کانپوءِ اهي امڪان آهن ته آرمي چيف جي آمريڪي دوري تان واپسيءَ بعد دهشتگردن خلاف ماضيءَ جيان وڏو آپريشن ڪيو ويندو. نامياري صحافي ممتاز ڀٽي جو چوڻ آهي ته حملي جي ذميواري تحريڪ جهاد پاڪستان قبولي آهي پر اها به تحريڪ طالبان سان لاڳاپيل ڪا تنظيم ٿي سگهي ٿي، اهو به امڪان آهي ته افغانين کي نيڪالي ڏيڻ وارو عمل به وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. ڇو ته اهڙا وڏا حملا مقامي سطح جي ويڙهه نه آهي، ان ۾ غير قانوني آباد شهري ملوث هجڻ جا وڌيڪ امڪان آهن، تازي حملي کانپوءِ باجوڙ ۽ سوات ۾ ڪيل آپريشن جهڙي آپريشن جي ضرورت آهي.