جي ڊي اي، آر او ۽ ڊي آر او جي مقرري رد ڪري ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) اليڪشن ڪميشن پاران قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن تي مقرر ڪي  آر او ۽ ڊي آر او جي مقرري کي رد ڪري ڇڏيو. جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم پنھنجي گڏيل پاليسي بيان ۾ چيو آھي ته ھڪ طرف صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي تبديل ڪري اھيو تاثر ڏنو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن تڪراري شخصيت کي صوبي بدر ڪري صاف شفاف چونڊن طرف قدم کنيو آهي پر ٻئي پاسي سنڌ جي موجوده بيرو ڪريسي  کي سڄي سنڌ جي تڪن ۾ آر او ۽ ڊي آر او لڳائڻ ۽  تعليم کاتي جي ڪامورن کي اسٽنٽ آر اوز بڻائڻ سسٽم جي ڌانڌلي جي منصوبا بندي کي عملي جامو پهرائڻ آھي، جي ڊي اي جو مطالبو آهي ته اليڪشن جو عملو جيستائين غير جانبدار نه ٿيندو صاف شفاف چونڊون ممڪن نه آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.