گلشن سيد ٽينٽ سٽي تي چڙهائي، پوليس جي شيلنگ، فائرنگ، 4 عورتون زخمي، ڌرڻو

گلشن اقبال (رپورٽ:  شفقت نوناري) ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ گلشن معمار پوليس  جي وڏن اٽالن مشينري سان نادرن باء پاس گلشن سيد ٽينٽ سٽي تي چڙهائي ڪري رهواسي عورتن ۽ مردن تي سخت تشدد بعد ڪيترن ئي متاثرن جي گهرن ۽ جھوپڙين کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ 5 ٻوڏ متاثرن ۽ رضاڪارن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو گهر ڊاهڻ ۽ گرفتارين خلاف رهواسين  پاران احتجاج ڪرڻ تي پوليس شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 4 عورتون زخمي ٿي پيون، برسات متاثرن جا جھوپڙا ڊاهڻ ۽ رهواسين کي گرفتار ڪرڻ خلاف عورتن ۽ مردن گلشن سيد ٽينٽ سٽي جي باني سيد احمد علي شاهه ڪاظمي، لياقت بليدي ،حميد ڇڇر ،فقير محمد چانڊيو، نور نبي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ نادرن باءِ انڊس چوڪ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب سنڌ بلوچستان ايندڙ ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون سيد احمد علي شاهه ڪاظمي چيو ته گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ گذريل سال برسات جي تباهي سبب بي گهر ٿيل ماڻهن کي پنهنجي زمين تي آباد ڪيو هو ۽ غريبن جھوپڙا ٺاهي ٻچڙن جي ڇت ٺاهي هئي جنهن کي اڄ ايم ڊي اي، اينٽي انڪروچمينٽ پوليس ۽ گلشن معمار پوليس ڇڙهائي ڪري عورتن تي تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي ۽ ڪيترائي رضاڪار گرفتار ڪيا آهن ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڻ قبضا مافيا آهي جنهن اسان جي قديم ڳوٺن جي زمينن تي قبضا ڪيا آهن جيڪڏهن گرفتار ٿيل آزاد نه ٿيا ته احتجاج مسلسل جاري رهندو ۽ ايم ڊي اي جي بدمعاشي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائينداسين

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.