جسٽس مظاهر نقوي سپريم جوڊشل ڪائونسل جي ڪارروائي چئلينج ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي خلاف جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ڏانهن لکيل خط جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته منهنجي خلاف سپريم جوڊيشل ڪونسل جي ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هي منهنجو ذاتي معاملو نه آهي پر هاڻ هي معاملو اداري جو آهي. ڇا سپريم ڪورٽ انهي معاملي تي مون سان گڏ بيهندي؟ مان سياسي ايليٽ جي هٿن ۾ نه  کيڏيو آهيان انهي جي لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڀوڳي رهيو آهيان. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي لکيل خط ۾ الزام لڳايو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جي چيئرمين منهنجي خلاف توهين جوڳو رويو رکيو آهي. سپريم ڪورٽ جو بينچ جيڪو منهنجو ڪيس ٻڌي رهيو آهي اهو قاعدن جي خلاف ٺاهيو ويو آهي. 14 ڊسمبر تي ڪائونسل جو اجلاس منهنجو ڪيس ٻڌڻ کان سواءِ گهرايو ويو. مظاهر نقوي جو چوڻ آهي ته هن خط جو مقصد ماڻهن کي يقين ڏيارڻ آهي ته اهو منهنجي باري ۾ نه پر اصولن بابت آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق مسعود اڳوڻي چيف جسٽس کي خط لکيا ته منهنجي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ منهنجي خلاف ريفرنس تي غلط بياني حيران ڪندڙ ڳالهه آهي، ڇوٽ باوجود اثاثا ظاهر نه ڪرڻ تي جج کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ڏانهن ڇو آندو پيو وڃي؟ ڇا جج جي خلاف مت ڀيد ڪرڻ جو ڪو قانوني يا اخلاقي سبب آھي؟ جڊيشل ڪائونسل پاڻ اعتراف ڪيو ته پهريون شو ڪاز نوٽيس غلط هو، ٻيو شوڪاز نوٽيس ڏنو .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.