عوامي اديب ۽ مظلومن جي ساٿي احمد سليم جو وڇوڙو

ملڪ جو نامور اديب،شاعر،ڊراما ليکڪ،محقق ۽ لسانياتي ماھر احمد سليم اسلام آباد ۾ وفات ڪري ويو، ھن جي عمر 78 سال ھئي. پينگھي کان لحد تائين جي ان وقفي وچ ۾ احمد سليم ھڪ اديب،سياسي  اسڪالر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن  طور پنھنجي حصي جو بلڪھ سندس ھمعصرن سان ڀيٿ ڪجي تھ انھن کان بھ وڌيڪ ڪم ڪيو . ھڪ اديب توڙي مفڪر جو ڪم انسانن جي ذھن سازي ڪرڻ ھوندو آھي.جنھن ۾ ھن پنھنجي ڪتابن جي مواد سان ڪنھن بھ طرح نھ گھٽايو.ھو 175 ڪتابن جو ليکڪ ھو. ان کانسواءِ ڪيئي مضمون بھ لکيائين، ھو ڏينھن رات ھڪ سرگرم ۽ متحرڪ ڪردار رھيو.

 وارثن موجب احمد سليم جيري  جي بيماري ۾ مبتلا هو. احمد سليم 1945ع ۾ ميان گوندل جي علائقي منڊي بهاءُ الدين ۾ پيدا ٿيو. هو نيشنل عوامي پارٽيءَ جو به حصو رهيو. احمد سليم پنجابي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيا. 10 ڊسمبر 2023ع تي آچر واري ڏينھن تي وفات ڪري دارالبقا ڏانھن  روانو ٿي ويو.

 ھو ننڍي کنڊ جو ھڪ ترقي پسند اسڪالر ھو، جيڪو سماج کي ۽ ماڻھن کي ڳنڍڻ جو ھنر ڄاڻيندو ھو.ھن جو سنڌ ۽ بلوچستان جي اديبن توڙي سياسي لڏي سان گھرو تعلق رھيو. جنھن ڪري ھو ھڪ ئي وقت سموري ملڪ خاص ڪري روشن خيال حلقي سان سلھاڙيل ھوندو ھو. انتھائي سادي مزاج جو سموري حياتيءَ سرگرم رھندڙ احمد سليم ڪڏھن بھ ورچي نھ ويٺو ھو.

پ پ پ جي پھرين دور ۾ ھن جو تعلق سنڌ سان ائين جڙيو جو ھو  سنڌالاجي ۾ ڪانٽريڪٽ تي مقرر ٿيو.جتيءِ ھن سنڌ جي سدا حيات شاعر شاھ لطيف ڀٽائي جو رسالو پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو.ان دوران ئي ھن  شيخ اياز جي ڪتاب "ڪي جو ٻيجل ٻوليو” جو ترجمو "جو ٻيجل ني آکيا ” جي سري سان ترجمو ڪيو.احمد سليم گھڻو سجاڳ ذھن ۽ باشعور انسان ھو، ھو ھر پڙھيل لکيل ماڻھون سان ڪچھري ڪرڻ ۽ ان مان ڄاڻڻ چاھيندو ھو. ھن پنھنجي اندر جي انسان جي اطمينان جي لاءِ گھڻو ئي پنڌ ڪيو ۽ کيس حاصل حياتيءَ کي عملي طور ڪافي سڦل ڪري ويو.

ھن ھڪ انگريزي مضمون ۾ جنرل ضيا پاران اپريل 1979 ۾ ئي سڏايل اديبن جي پروگرام تي سوال اٿاريو ھو تھ ان جي جنرل کي ايتري تڪڙ آخر ڇو ٿي پئي ھئي.ھن لکيو تھ پڙھيل لکيل ۽ باشعور ماڻھن جي اھڙي ميڙاڪي مان اھو تاثر ڏيڻ ھو تھ اھي ساڻس گڏ آھن.احمد سليم سماج جو متحرڪ اديب ھو، جنھن سموري معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم جي نندا ڪئي ۽ ان خلاف پنھنجي طور تي اڳڀرو رھيو. ھن پنجابي ليکڪ بلوچستان تي پڻ ڪتاب لکيو.2001ع ڌاري ڪوئيٽا ويو.ھو جڏھن نواب خير بخش مري سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پھتو ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ جي خواھش ظاھر ڪئي تھ ھن کي نواب پاران جواب مليو تھ ” هو ڪنهن به پنجابي ليکڪ سان ملڻ پسند نٿو ڪري“ سندس لکڻي ۾ ڄاڻايل آھي تھ ”مان سوچي رهيو آهيان ته پنجاهه سالن ۾ اسان پنهنجي بلوچ ڀائرن کي پنهنجو نه ڪري سگهيا آهيون ته جيئن اهي اسان سان ملن، اسان جي ڳالهه ٻڌي سگهن ۽ اها ناڪامي ڪنهن جي آهي؟“ جيتوڻيڪ آيل مهمان سان اهڙو سلوڪ بلوچ روايتن جي خلاف آهي پر مصنف ان عمل تي تنقيد ڪرڻ بدران ان جي پس منظر تي ڳالهه ڪئي آهي. ھن ان جي ڪڏھن بھ شڪايت چپن تي نھ آندي.بلوچستان بابت سندس ڪتاب جو نالو ھو” بلوچستان، آزاديءَ کان وٺي صوبائي عدم استحڪام تائين “

احمد سليم اصل ۾ پنجابي،اردو ۽ انگريزي جو ليکڪ  هو، هن پنجابي ۾ شاعري ڪئي ۽ ناول به لکيا.سندس سياسي تربيت کيس سياسي ڪم ۾ وڌيڪ مصروف رکيو ۽ هو پاڪستان جي سياسي ۽ ادبي تاريخ مرتب ڪندو رهيو. هو ڪميونسٽن جي آخري نسل جي نشانين مان هڪ هو، جن پنهنجي نظرياتي وابستگي تي ڪڏهن به شرم محسوس نه ڪيو. شرافت، ديانتداري ۽ رواداري اهڙي ته  ھئي جو ڪميونسٽ مخالف پڻ  سندس نظرياتي وابستگي کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا ھئا.احمد سليم روشن خيال لڏي جو اھو فرد ھو جنھن 1971 ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ٿيل فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي جنھن جي ڏوھھ ۾ کيس جيل جي ھوا پڻ کائڻي پئي ھئي.

ھو گھڻو حقيقت پسند ھوندو ھو جنھن ڪري صاف گو پڻ ھو . ھو گھڻ ئي معاملن تي چٽو ۽ واضح موقف رکندڙ ھو بلوچ توڙي بلوچستان جي مسئلي تي گھڻن ئي بلوچن کان وڌيڪ بلوچ پرست ھوندو هو تھ سنڌ بابت سنڌ جي گھڻن ئي ماڻھن کان گھڻو ڄاڻندو ھو.

 ھو سموري عمر مظلومن جي حق لاءِ  وڙهندو رهيو، سندن ساٿ ڏيندو  رهيو ۽ دنياوي لحاظ کان هر طرح سان تڪليف ۾ رهيو، پر ھو تڏھن بھ پنھنجي ضمير تي چوڻ تي ھلندو رهيو.

سڀاڻي جو مورخ جڏھن بھ قلم کڻندو تھ احمد سليم جي ملڪ لاءِ ڪيل خدمت کي وساري نھ سگھندو، ھو اسان کان جسماني طور تي وڇڙي ويو آھي پر پنھنجي عمل ۽ڪتابن ۾ ھو ھميشھ اسان سان گڏ رھندو.

ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ  روڪرائڻ ۾ نگران حڪومت ناڪام

سنڌ ۾ گهڻي عرصي کان  ماڻھون ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ خلاف احتجاج ۽ دانھون ڪري رھيا آھن،پر نگران حڪومت توڙي انتظاميھ ھنن جي ھڪ بھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.ھر ڀيري فصل پوکڻ جي مند ۾ ائين ٿيندو رھي ٿو.اڄوڪي دور ۾ زمينداري ڪرڻ يا زمين آباد ڪرڻ آسان تھ آھي پر ان جي لاءِ ھر ڪم پئسي جو ٿي ويو آھي ان ڪري ان تي ٿيندڙ خرچ في ايڪڙ جي لحاظ سان اڳي کان گھڻو ايندو آھي.ھر ڪاھڻ جي لاءِ ٽريڪٽر ھلائڻ،ٻج،ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي خرچ ڪرڻ ۽ وري فصل لھڻ بعد ان جي سرڪار طور تي مدد نھ ڪرڻ جي ڪري ھاري ناري،آبادگار ۽ زميندار گھڻو ڳڻتي جو شڪار رھي ٿو. جيتوڻڪ ٻھراڙي جي وڏي حصي جي سموري معيشت زرعي آھي ان باوجود حڪومت ھن پاسي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھي.

اسان حڪومت کي گذارش ڪريون ٿا تھ ھن اھم مسئلي ڏانھن ڌيان ڏئي ڪري ڀاڻ جي وڏن واپارين ۽ ڀاڻ ڪمپنين جي ھٿ سان جوڙيل ھڪ ھٽي ختم ڪرائي ڀاڻ جي دستيابي مارڪيٽ ۾ يقيني بڻائي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.