سمجھيو پيو وڃي تھ ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون.ان جي تيارين ۾ سست رفتاري جي ٻين سببن مان ھڪ تھ چونڊن بابت روز پکڙجندڙ افواھ آھن،ٻيو تھ اليڪشن ڪميشن جو اڻچٽو رويو آھي.ڪي ٻيا سبب بھ ھوندا پر سياسي ميدان تي جيڪي سرگرميون ٿي رھيون آھن انھن ۾ڪو وڏو جوش نظر نٿو اچي،جنھن ڪري محسوس ٿئي ٿو تھ اھي رسمي چونڊون آھن ان ڪري عوام ۾ ولولو نھ رھيو آھي.ڪو چئي سگھي ٿو تھ ھي فڪسڊ ميچ آھي.
ملڪي سياست جي راند جا ڪي بھ اصول نھ آھن،ڪنھن بھ ماھر جو تجزيو سندس خواھش يا وري ”مٿين“ پاران مھيا ڪيل اڌوري سڌوري معلومات جي بنياد تي ٻڌل ھوندو آھي.ان ڪري رواجي ۽ سوشل ميڊيا جون خبرون،تجزيا ۽ جائزا توھان کي زميني حقيقتن کان ٿورڙو دور لڳي سگھن ٿا، ان ھوندي”ڪانگ کي لڙ ۾ مزو“ جو ڪم جاري آھي.
عام حالتن ۾ جائزي جي لاءِ انگ اکر ۽ مواد گھربل ھوندو آھي، ميڊيا ۾ سامھون آيل انگن اکرن سان عوام جي ذھن ۾ ھڪ ماحول تيار ڪيو پيو وڃي، جنھن موجب اھڙيون رپورٽن ۽ جائزن توڙي تجزين جي ڌم متل آھي.ميڊيا ۾ بھ ”جيترا وات اوتريون ڳالھيون“ ٿي پيون آھن. انڪري ھر فرد پاڻ وٽ موجود ڪچي ڦڪي معلومات جي آڌار اندازو ڪري رھيو آھي تھ جيڪڏھن 8 فيبروري تي چونڊون ٿي ويون تھ ان بعد ملڪي سياست جو منھن مھانڊو ڪھڙو ھوندو.
ھڪڙا ماڻھون ڳالهھ ذميواري سان ڪندا آھن ٻيا ڳالهھ اڇلائي ڇڏيندا آھن،اھڙن ڳالھين اڇلائيندڙن جي گھڻائي آھي، سندن اھڙي ڪارنامي جو اصل مقصد عوام جي ذھن ۾ ڪي ڳالھيون ويھاري ڇڏڻ آھن،اھڙي ئي ھڪڙي ڳالھھ ھي بھ آھي تھ ”مٿين“ فيصلو ڪري ورتو آھي تھ ملڪ جي وڏين ٽن پارٽين مان ڪنھن بھ ھڪ کي 55 کان وڌيڪ سيٽون نھ ڏنيون وينديون. جئين ڪي بھ ٻھ وڏيون پارٽيون گڏجي ڪري بھ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نھ ھجن.جنھن سان اھي حڪومت جوڙي سگھن. جن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف شامل آھن، اھڙي ٿيوري پکيڙيندڙن جو چوڻ آھي تھ اھڙي حڪمت عملي تازو تيار ڪيل آھن،جنھن جو اصل مقصد ننڍن پارٽين کان مدد حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿيڻ آھن.جئين تھ ”مٿين“ جي ڪيل رٿابندي موجب ننڍيون پارٽيون انھن جي چئي آکي ۾ آھن ان ڪري ان سموري معاملي جو اصل ڪنٽرول ھنن جي ھٿن ۾ رھي.
جيتوڻيڪ خيال ھي آھي تھ ”مٿين“ جي ناپسند جماعتن يا جماعت کي شايد ميدان ۾ کيڏڻ جو موقعو نه ملي پر ٻيو خيال ھي آھي تھ ان ھوندي بھ سمورين سياسي جماعتن کي ايوان تائين پھچڻ جو موقعو ڏنو پيو وڃي.جئين نتيجن تي ڪنھن کي ڪو اعتراض نھ ٿي سگھي.ڪي مبصر ان خيال جا آھن تھ ھن ڀيري شايد سمورين ننڍين ۽ وڏين سياسي جماعتن کي وڌيڪ سوڙھو ڪيو ويندو،جنھن بعد انھن کان بھ ڪم ورتو ويندو اھڙي رٿابندي ٿي وئي آھي.
ان سموري پريڪٽس ۾ اھم سوال ھي آھي تھ ڇا ايندڙ چونڊن بعد ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿي سگھندو يا وري بھ اسٽبلشمينٽ ۽ سول حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رھندي ؟ ان جو ڪنھن وٽ بھ ڪو جواب نھ آھي پر ان باوجود ڪنھن ڊگھي مدي واري استحڪام جي اميد ڪرڻ غلط ٿيندو. سياست جي تاريخ رھي آھي تھ جيڪو بھ پاپولر ليڊر ٿي ويو ان کي سھڻ جو رواج نھ آھي.جمھوريت جي ڳالھھ تھ ھر ڪو ڪري ٿو پر جمھوريت جي گھرجن تي ڪا بھ جماعت پوري نٿي لھي.ٻيو تھ ملڪ ۾ غيرمنظم سياسي جماعتون آھن، جيڪي رڳو اقتدار تائين پھچڻ چاھين ٿيون، انھن جي سموري منشور جي 50 سيڪڙو تي بھ عمل نٿو ٿئي.ان ڪري ڪنھن وڏي تبديلي جي لاءِ ڊگھي مدي جي گھرج آھي،پر ھڪ عرصي کان سياسي انجنئيرنگ جي ڪري ملڪ ۾ اھو ممڪن نھ رھيو آھي.
ميثاق جمھوريت بھترين رستو ھو پر ان تي عمل نھ ڪيو ويو مٿان وري ”مٿين“ ڪاريگري ڪري پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڳيان آندو تھ باقي وڏين ڌرين بھ اھو ڪيل عھد وساري ڇڏيو،ممڪن آھي تھ جيڪي وڏيون جماعتون پنھنجي مرضي سان پاڻ ۾ گڏجي ويھڻ جي لاءِ تيار نھ ھيون ھاڻي انھن کي ”مٿين“ جي حڪم تي گڏجڻو پوي.
ھر ڌر سمجھي ٿي تھ اھا جمھوريت جي چئمپين آھي پر ھر ڪنھن کي جمھوريت جا اصول رڳو ساڻن ٿيندڙ زيادتيءَ وقت نظر اچن ٿا.ھن وقت جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڀاڱا ٿي ويا آھن يا ٿي رھيا آھن تڏھن ھنن کي انساني حق ياد اچي رھيا آھن.يا وري جڏھن مسلم ليگ ن کي رعايتي پئڪيج جي منظور ملي وئي تڏھن پيپلزپارٽي کي اھو ياد پيو تھ ھنن کي ليول پليئنگ فيلڊ نھ پئي ملي.
اھو ياد رکڻ گھرجي تھ سياست جي ميدان ۾ جيڪا بھ ڇڪتاڻ نظر اچي رھي آھي ان باوجود سمورين سياسي جماعتن کي کيڏڻ جي لاءِ ميدان ملندو،جيڪو بھ کٽي ايندو اھو گھوڙو ھنن جو ئي ھوندو.