اسلام آباد(م ڊ) نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته اسان کي پارليامينٽ ۽ ميڊيا ۾ دهشتگردن جي حمايتي آواز کي چٿڻو پوندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته سازشي عنصرن هميشه ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، دهشتگردي جي نالي تي پاڪستان تي جنگ مڙهي وئي ۽ ملڪ خلاف انٽيليجنس سول ويڙهه شروع ڪئي وئي. هن چيو ته پاڪستان کي نسلي تعصب کان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور جو خاتمو آندو ويندو. نگران گهرو وزير چيو ته اسان کي مونجهارو ختم ڪرڻو آهي، ادارن کي غير سياسي ٿيڻو آهي، جڏهن ته پارليامينٽ ۽ ميڊيا ۾ دهشتگردن جي حمايت ڪندڙ آواز کي دٻائڻو آهي، اسان سڀني کي اها جنگ وڙهڻي آهي، سڀاڻي ائين نه ٿئي جو سي ٽي ڊي خلاف پرچا ڪٽرايا وڃن.
فوجي ٽرائل بابت ڪيس، جسٽس جواد جو جسٽس طارق مسعود تي اعتراض
اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل خلاف اپيلن جي ٻڌڻي دوران بينچ ۾ جسٽس سردار طارق مسعود جي موجودگي تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي. اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته جسٽس سردار طارق مسعود فوجي عدالتن بابت درخواستن تي نوٽس ۾ راءِ ڏني آهي، ان ڪري کيس بينچ ڇڏڻ گهرجي. اڳوڻي سربراهه اپيل ڪئي ته فوجي عدالتن ۾ شهرين جي ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت اپيل تي نئين بينچ جوڙڻ جو معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن موڪليو وڃي.
پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ نٿي چاهي: تاج حيدر
اسلام آباد (م ڊ) پ پ جي سينئر اڳواڻ تاج حيدر چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ نٿي چاهي، اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت يقين ڏياريو آهي. اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ٻاهران پ پ اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيٽر تاج حيدر چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن بابت يقين ڏياريو آهي، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي تجويزون ڏنيون آهن. هن چيو ته پ پ چونڊن ۾ دير نٿي چاهي، اسان کي يقين ڏياريو ويو آهي ته چونڊن ۾ دير نه ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي تجويز ڏني آهي ته چونڊن ۾ دير بابت درخواستن کي ٻڌڻي جوڳو قرار نه ڏنو وڃي ۽ انهن جي باقائدگي سان ٻڌڻي نه ڪئي وڃي. سينٽرل تاج حيدر سان گڏ موجود فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات هاڪاري رهي، چيف اليڪشن ڪمشنر کي خدشن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سان اسان جي ملاقات سٺي رهي، پيپلز پارٽي کي اليڪشن ڪميشن تي مڪمل اعتماد آهي. ان کان اڳ پ پ جي وفد اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ پيپلزپارٽي اڳواڻ سينيٽر تاج حيدر، فيصل ڪريم ڪنڊي، سعيد غني ۽ ناصر حسين شاهه شامل هئا.