اسلام آباد(م ڊ) سنڌ ۽ بلوچستان جا اليڪشن ڪمشنر بدلي ٿي ويا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي اليڪشن ڪمشنرن کي بدلي ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن ٻن صوبائي اليڪشن ڪمشنرن جي بدلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اليڪشن ڪمشنر بلوچستان شريف الله کي اليڪشن ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ صوبائي اليڪشن ڪمشنر بلوچستان هوندو.