ڪشمير تڪراري علائقو آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي اهميت ناهي: پاڪستان

نئين دهلي/اسلامي (م ڊ) ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحال ڪرڻ بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. جڏهن ته پاڪستان ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تنقيد ڪندي چيو ته  سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪا به اهميت ناهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت لاءِ داخل اپيلن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ 2019 وارو فيصلو برقرار رکيو آهي. ڀارتي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته والاريل ڪشمير ڀارت جو اڻ ٽٽ حصو آهي، آرٽيڪل 370 عارضي هو، هر فيصلو قانوني دائري ۾ نٿو اچي. ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڊي وائي چندرا چڌا فيصلو ٻڌائيندي چيو آهي ته ڀارت تسليم ڪرڻ کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي ڪا به اندروني خودمختياري ناهي، آرٽيڪل 370 جي درخواست عارضي هئي، آرٽيڪل 1 ۽ 370 موجب آرٽيڪل 370 جي درخواست عارضي هئي. آئين موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ڀارت جو اهم حصو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته ڄمون ۽ ڪشمير اسيمبلي جو مقصد باڊي ٺاهڻ نه هو، آرٽيڪل 370 ڄمون ۽ ڪشمير جي شموليت کي منجمد نٿو ڪري، ڪنهن به آئين کي ختم ڪرڻ جو اختيار آهي. ياد رهي ته ڀارت 2019 ۾ والاريل ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي، مودي حڪومت ڀارتي آئين جي شق 370 جي خاتمي جو اعلان ڪيو هو. ٻئي طرف پاڪستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو . نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته والاريل ڪشمير بين الاقوامي طور هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، ڀارت کي والاريل ڪشمير جي حيثيت جو تعين ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام ڀارت جي 5 آگسٽ 2019  واري هڪ طرفي قدم کي رد ڪري چڪو آهي، پاڪستان به ڪشمير جي خصوصي حيثيت بحال ڪرڻ خلاف ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ٿو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ڪا به حيثيت نه آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ جي ساک بابري مسجد بابت تڪراري فيصلي سبب اڳ ئي خراب ٿيل آهي. پاڪستان والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي بحالي بابت جلد واڳيل ڌرين جو اجلاس گهرائيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.