لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ خديجه شاهه جي نظربندي ۽ آءِ جي پنجاب خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست ۾ خديجه شاهه کي ڪوئيٽه پوليس حوالي ڪرڻ جي حوالي سان آءِ جي پنجاب کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. عدالت درخواستگذار جي ماتحت عدالت طرفان راهداري ريمانڊ رد ڪرڻ جي گذارش رد ڪري ڇڏي. جسٽس علي باقر نجفي، خديجه شاهه جي مڙس جهان زيب امين جي درخواست تي ٻُڌڻي ڪئي. سومر ڏينهن ٻُڌڻيءَ تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻُڌايو ته پنجاب حڪومت خديجه شاهه جي نظربنديءَ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي، آءِ جي پنجاب پيش ٿي عدالت کي ٻُڌايو ته خديجه شاهه جو دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مان راهداري ريمانڊ ورتو آهي. ڪوئيٽه پوليس اهو راهداري ريمانڊ اڄ 10 لڳي 50 منٽن تي حاصل ڪيو. عدالت پُڇاڻو ڪيو ته خديجه شاهه کي ڪهڙيءَ گاڏي تي ڪوئيٽا اُماڻيو ويو، ٿي سگهي ٿو ته اها پنجاب جي حد ۾ هجي، آءِ جي پنجاب ۾ ٻُڌايو ته ڪوئيٽا پوليس ڪهڙي گاڏيءَ تي آئي آهي اندازو ناهي، ڇاڪاڻ ته راهداري ريمانڊ جي درخواست تي به ڪوئيٽه پوليس جي هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته پوليس خديجه شاهه کان ٻين ڪيسن ۾ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.