ڪرسچن مئريج ايڪٽ تحت سنڌ ۾ پهرين سزا

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ ۾ ڪرسچن ميريج ايڪٽ تحت پهرين سزا ٻڌائي وئي آهي، ڪراچي جي عدالت ٻي شادي ڪرڻ تي مسيحي نوجوان  جوشواالياس کي 9 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي ، 25 هزار روپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي.عدالت چيو ته جوابدار ڏنڊ نه اداڪيو ته وڌيڪ ٻه مهينن جي سزاڏني ويندي ،جڊيشل ماجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ فريادي ڌر جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جوابدار جوشوا الياس ڏيڍ سال اڳ اسٽر نالي ناريءَ سان شادي ڪئي هئي.درخواستگذار موجب جوابدار پنهنجي گهرواري کي دبئي اماڻي پٺيان ٻي شادي ڪري ڇڏي جوابدار جي پهرين زال محمود آباد ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.