ڀارت چنڊ تي پهچي ويو ، پاڪستان ۾ ڪاغذ پاليسي موجود نه آهي:عزيز خالد

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پاڪستان پبلشرز ۽ بڪ سيلرز ايسوسيئيشن جي صدر چيئرمين عزيز خالد چيو آهي ته ڀارت چنڊ تي پهچي  ويو آهي، پر پاڪستان ۾ ڪابه ڪاغذ پاليسي موجود نه آهي، اسان جي ملڪ کي سٺيون پاليسيون ٺاهڻ ۾ ڀارت کان سکڻ گهرجي، جتي ڪتابن جي ڇپائيءَ ۽ علم کي اهميت ڏئي عالمي ليول جي ڪتابن جي ڇپائي لاءِ پبلشرز جي همت افزائي ۽ مدد ڪئي وڃي ٿي ۽ پاڪستان ۾ معياري ڪتابن جي ڇپائيءَ نه هئڻ جو سبب ٻاھران ايندڙ ڪاغذ تي بندش ۽ وڏي ٽيڪس وڌي وئي ۽ ملڪي ڪاغذ عالمي معيار جي ڪتابن جي ڇپائي جي حوالي سان غير معياري ۽ مهانگو ڪيو ويو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه سومر ڏينهن تي هڪ مقامي هوٽل ۾ 14 ڊسمبر تي 18 منعقد ٿيندڙ ڪراچي انٽرنيشنل بڪ فيئر (ڪي آئي بي ايف) جي سلسلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. هن مطالبو ڪيو ته عالمي معيار جي ڪتابن جي اشاعت لاءِ حڪومت ڪاغذ پاليسي جوڙي ٻاهران ايندڙ ڪاغذ تي ٽيڪس گهٽائي پاڪستان جي ڪتابن جي واپار کي سموري دنيا ۾ پهچائڻ ۾ ڪتابن کي ڇپائيندڙ ادارن جي مدد ۽ همت افزائي ڪئي وڃي. ڪي آئي بي ايف، جي ڪنوينر وقار متين چيو ته هن سال به 18هين ڪتابن جي نمائش 14 ڊسمبر کان 18 ڊسمبر تائين ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ ٿي رهي آهي، افتتاح سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر خاص مھمان جي حيثيت ۾ ڪندو، پريس ڪانفرنس ۾ ڊپٽي ڪنوينر ناصر حسين، نديم مظهر، ايم اي اقبال غازياني، اقبال صالح محمد، نديم اختر، ڪامران نوراني، سليم عبالحسين، سعد بن عزيز، اصغر زيدي ۽ اويس مرزا جميل ڳالهائيندي چيو ته ڪي آئي بي ايف ۾ پاڪستان جي ڪتابن جي ڇپائيءَ جي ادارن کان سواءِ ٻين ملڪن جا پبلشرز ادارا شريڪ ٿيندا،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.