تعليمي بورڊن جي چيئرمين شپ جي اضافي چارج ڪمشنرن حوالي

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ  مقبول باقر جي هدايت تي تعليمي بورڊن جي چيئرمين شپ جي اضافي چارجز لاڳاپيل ڊويزنن جي ڪمشنرن حوالي ڪندي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور چارج سنڀالي رپورٽ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي موڪلي وڃي. وڏي وزير جي هدايت تي جاري ڪيل نوٽيفيڪشن موجب شهيد بينظير آباد جي ڪمشنر کي بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن شهيد بينظير آباد جي چيئرمين جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، ترجمان موجب سکر تعليمي بورڊ چيئرمين جي چارج ڪمشنر سکر فياض عباسي کي ڏني وئي آهي، ڪراچي تعليمي بورڊ چيئرمين جي چارج ڪراچي جي ڪمشنر سليم راجپوت کي ڏني وئي آهي، اها پوسٽ 23 نومبر 2023 کان خالي هئي، جڏهن ته سڪرنڊ يونيورسٽي جي وائس چانسلر کان شهيد بينظير آباد تعليمي بورڊ چيئرمين جي چارج واپس  وٺي ڪمشنر حوالي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.