پريا ڪماري ۽ ٻين جي آزادي لاءِ ڪراچي ۾ بک هڙتال

ڪراچي( رپورٽر) پريا ڪماري رھائي ڪاميٽيءَ طرفان ڪالهه  معصوم پريا ڪماري ۽ معصوم علي اصغر مڱرئي جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس  ڪلب آڏو 24  ڪلاڪن جي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. مخدوم بلاول ۽ زاھد حسين مڱرئي جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ڪئي وئي آھي. سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويي، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو ۽ ضلعي ڪورنگي جو اڳواڻ سيد زمان شاھ، ۽ قومي تحريڪ جي سرگرم ڪردار ڊاڪٽر نذير کوکر جي جيون ساٿي ادي عذرہ کوکر يڪجھتي طور ڪئمپ تي پھتا ۽ ساڻن يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيو. ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي صدر سارنگ جويو، مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، ڊاڪٽر عذرہ کوکر، 2015 ۾ اغوا ڪيل معصوم علي اصغر مڱرئي جي والد زاھد حسين مڱرئي، مخدوم بلاول، ۽ سيد زمان شاھ پنھنجو موقف پيش ڪندي چيو تہ، سنڌ جي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي ۽ پنھنجن پاليل جاگيردار، وڏيرن، سردارن ۽ ڌاڙيلن ذريعي معصوم ٻارن ۽ نوجوانن کي ڀُنگ لاءِ اغوا ڪرايو پيو وڃي. ظلم جي انتھا اھا آھي جو زاھد حسين مڱريو پاڻ پوليس ڪانسٽيبل آھي، جنھن جي پُٽ کي اغوا ڪيو ويو آھي، ان کي پُٽ تہ آزاد ڪرائي ناھي ڏنو ويو پر ان جي پيءُ مٿان ڪيتريون ئي ايف آءِ آرون ڪٽيون ويون آھن، ھوڏانھن معصوم پريا ڪماري کي 2021 ۾ اغوا ڪيو ويو، پر ان کي بہ بازياب نہ ڪرايو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.