دهشتگردن کي واپس آڻڻ سبب حملا ٿي رهيا آهن: بلاول

 اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مان دهشتگرديءَ جو اٽڪل خاتمو ڪيو ويو هو پر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان طرفان افغانستان ۾ موجود دهشتگردن کي پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ واپس آڻڻ جي دعوت ڏيڻ جي فيصلي بعد ان حوالي سان سموري جدوجهد ۽ آپريشن بي اثر ٿي وئي. اهڙو اظهار هن گهرو وزارت ۾ ديوارِ شهداء تي بينظير ڀٽو جي تصوير لڳائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان فيصلي جي نتيجي ۾ اڄ وري پاڪستان ۾ دهشتگردي نظر اچي رهي آهي، اسان سمجهون ٿا ته جيڪو اهو سڄو سلسلو هو ان جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي ۽ جيڪي ماڻهو ان فيصلي ۾ ملوث هئا انهن کان پڇاڳاڇا ڪئي وڃي ۽ يقين ڏياريو وڃي ته مستقبل ۾ اهڙا فيصلا ٻيهر نه ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.