ترقي پسند دانشور احمد سليم لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(بيورو) سڄي زندگي ترقي پسند ادب کي ارپيندڙ ناميارو دانشور، محقق ۽ ليکڪ احمد سليم گذريل ڏينھن اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس  آخري رسمون لاھور ۾ ادا ڪيون ويون.  ھن ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جي زندگي تي تحقيقي ڪم ڪيو ۽ ڪتاب لکيو.  شيرين سومرو ۽ ٽوڙھي ڦاٽڪ وارن واقعن جو پنھنجي ناول تتليان تي ٽينڪ ۾ ذڪر ڪندڙ ۽ شاھ لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعري کي پنجابي ۾ ترجمو ڪندڙ احمد سليم سنڌي ادب سان بي حد چاھ رکندڙ ھو، کيس پاڪستان جي ھر مادري ٻوليءَ جي اديبن ۽ لکجندڙ ادب بابت ڄاڻ ھوندي ھئي. هو نيشنل عوامي پارٽي جو به حصو رھيو. 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ آپريشن جي مخالفت ڪرڻ تي ھڪ فوجي عدالت پاران احمد سليم کي ھڪ سال تائين قيد جي سزا پڻ ملي. هن اردو ۽ انگريزيءَ ۾ درجن کن ڪتاب لکيا ۽ ملڪ جي سياسي تاريخ تي سندس گهري نظر هئي. هن پاڪستاني اخبارن مان ملڪ جي تاريخ جا اهم واقعا 4 جلدن ۾ گڏ ڪيا. 17

احمد  سليم بهترين شخصيت جو مالڪ هو: جسٽس(ر) مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر مشهور ليکڪ، پنجابي شاعر احمد سليم جي لاڏاڻي تي افسوس جو  اظهار ڪيو آهي . جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ جسٽس (ر ) مقبول باقر چيو ته مشهور دانشور احمد سليم بهترين شخصيت جو مالڪ هو . سندس لاڏاڻي سبب پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو . وزيراعليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ ڪٽنب لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.