سکر(رپورٽ:آزاد مهر)پ پ جي اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاھ احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته پ پ جو پھرين ڏينھن کان موقف آھي ته اليڪشن وقت تي ٿيڻ گھرجي، باقي پارٽين کي مان نٿو چوان ته آواز ڇو نٿيون اٿارين، صرف ھڪ پارٽي آھي جيڪا اليڪشن مھم ھلائي رھي آھي باقي پارٽيون چون ٿيون ته سردي ھوندي اليڪشن نه ڪيو، خورشيد احمد شاھ وڌيڪ چيو ته ھر سياستدان جو احترام آھي پر سياستدان به ايترو ھيٺ نه ڪرن ته انھن مٿان الزام لڳن يا ايئن ٿين جيئن لاڏلا ٿين ،هن چيو ته معيشت تباھ ٿي وئي آھي ھاڻي پارليامينٽ کي اچي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،
چونڊن ۾ ڪيترن ئي علائقن ۾ برفباري ۽ ٿڌي موسم کي منهن ڏيڻو پوندو:غفور حيدري
اسلام آباد(م ڊ) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ بلوچستان سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برفباري ۽ ٿڌي موسم کي مُنهن ڏيڻو پوندو، اسان ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، ان جي باوجود به اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون. مولانا فضل الرحمان سميت اهم شخصيتن جي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان قدم کنيا وڃن. هن چيو ته اسرائيل لاڳيتو فلسطينين جو قتل عام ڪري رهيو آهي، ٻارن، عورتن، بزرگن کي قتل ڪيو پيو وڃي،