سنگين غداري تي نااهلي پنج سال ته نماز نه پڙهڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي نااهلي ڇو؟ :چيف جسٽس

 اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا آهن ته سنگين غداري جهڙي ڏوهه تي نااهلي 5 سال آهي ته نماز نه پڙهڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ تي تاحيات نااهلي ڇو؟ تاحيات نااهلي تي سُپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ اليڪش ايڪٽ گڏ نٿا هلي سگهن، پارليامينٽ جي قانونسازي هلندي يا سُپريم ڪورٽ جو فيصلو، اُٺ کي ڪهڙي ڪڙي تي ويهڻو ته آهي. عدالت تاحيات نااهلي جو مُدو طئه ڪرڻ وارو معاملو لارجر بئنچ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ ججز ڪميٽي ڏانهن اُماڻي ڇڏيو. مير بادشاهه قيصراڻي جي تاحيات نااهلي جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلي ۽ اليڪشن ايڪٽ جي ترميم ۾ تضاد جو به نوٽيس ورتو ويو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ۾  چونڊون سِر تي آهن، اليڪشن ٽربيونلز ۽ عدالتون مونجهاري ۾ هونديون ته فيصلي لاءِ ڪنهن تي ڀاڙين؟ خدشو آهي ته ٽربيونلز ۽ عدالتون غيرضروري ڪيسز ۾ ڦاسي پونديون، اليڪشن ايڪٽ ۽ سُپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ڪنهن هڪ کي برقرار رکڻو آهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي سزا ختم ٿي وڃي ته تاحيات نااهلي ڪيئن برقرار رهي سگهي ٿي؟ ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جعلي حلف نامي تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ کي نااهل قرار ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح تي فيصلو ڏنو هو. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته تاحيات نااهلي بابت سپريم ڪورٽ جا ٻه رايا آهن. ان تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قتل جي ڏوهه ۾ به سياستدان کي 5 سالن لاءِ نااهل ڪيو ويندو. جسٽس اطهر من الله چيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ سيڪشن 232 شامل ڪرڻ سان آرٽيڪل 62 ون ايف تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو غير موثر ٿي ويو آهي. عدالت اٽارني جنرل ۽ چئني ايڊووڪيٽ جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي عام چونڊن کان اڳ 24 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.