جسٽس مظاهر نقوي ۽ جسٽس جمال مندوخيل ۾ ڏند چڪ

لاهور (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ ورڇ شدت اختيار ڪري وئي آهي ۽ جج عمران دار ۽ آئين دار ڌڙن ۾ ورهائجي ويا آهن، گذريل ڏينهن جسٽس اعجاز الحسن خط لکي چيف جسٽس ۽ سينيئر جسٽس  سردار طارق مسعود تي بينچ فڪسنگ جو الزام به مڙهيو آهي، نامياري صحافي معظم فخر  جو چوڻ آهي ته ججز بلاڪ  ۾ جسٽس مطاهر نقوي  ۽ جسٽس جمال مندو خيل  ۾ ان وقت  ڏند چڪ ٿيا ۽ سخت جملن جي ڏي وٺ  ٿي جڏهن ٻئي اوچتو آمهون سامهون ٿيا ۽ جسٽس اعجاز الحسن جي لکيل خط تي ڳالهائيندي جسٽس مظاهر نقوي هڪ سينيئر جج خلاف گٿا لفظ ڳالهايا ۽ جسٽس جمال کيس روڪيو ته جسٽس مظاهر نقوي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو ۽ جسٽس جمال مندو خيل کي به سخت  جملا ڳالهايا جنهن تي جسٽس جمال مندو خيل کيس چيو ته اوهان جي روئي خلاف لکت ۾ شڪايت ڪندس جنهن جي جواب ۾ جسٽس مظاهر نقوي کيس چيو ته جنهن کي وڻي ان کي وڃي لکو، مون کي ڪابه پرواهه نه آهي، صحافي موجب جسٽس مظاهر نقوي خلاف الزامن تي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ  ۾ جسٽس جمال مندو خيل به شامل آهي هاڻي لڳي ٿو ته کيس بينچ کان الڳ ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.