سنڌ جو سخت اعتراض، تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) سنڌ جي سخت اعتراضن جي اثرن سبب تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي ٿي وئي آهي. سنڌ جي شديد اعتراضن بعد تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال فيز 2 جي منظوري ملتوي ڪئي وئي آهي. پنجاب سرڪار ڪوششن باوجود تڪرار ڪئنال منظور ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ايڪنڪ جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ تڪراري گريٽر ٿل ڪئنال جي منظوري شامل هئي، اجلاس ۾ سنڌ جي نگران وزير يونس ڍاگا شرڪت ڪئي . ذريعن موجب يونس ڍاگا اجلاس ۾ موقف رکيو ته نئون ڪئنال اَڏڻ لاءِ سسٽم ۾ پاڻي موجود ئي ناهي، سنڌ ۾ زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ آهي. گريٽر ٿل ڪئنال جو معاملو ايڪنيڪ ۾ نه کنيو وڃي، نئين چونڊيل حڪومت اهو معاملو سي سي آءِ ۾ کڻي وڃي، سي سي آءِ ۾ تڪراري ڪئنال تي فيصلو ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.