چونڊن بابت طاقتور حلقن ۾ اختلاف !

لاهور (عوامي آواز نيوز)  ملڪ جي طاقتور حلقن ۾چونڊن بابت ٻه رايا آهن، ڪجهه طاقتور شخصيتن جو خيال آهي ته معيشت بهتر ٿيڻ  تائين موجوده  نگران  حڪومت کي رهڻ ڏنو وڃي. نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته جيڪي شخصيتون فيبروري ۾ چونڊون نه ڪرائڻ جي حق ۾ آهن انهن کي مختلف ڪاروباري حلقن جا پيغام مليا آهن ته ڪاروبار ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ معيشت بهتر ٿي رهي آهي ان ڪري موجوده نگران حڪومت کي اڃان ڪجهه وقت ڏنو وڃي. ان بنياد تي اهي طاقتور  شخصيتون فوري چونڊن جي حق ۾ نه آهن، جڏهن ته ڪجهه شخصيتون فيبروري ۾ چونڊون ڪرائي اقتدار چونڊيل نمائندن حوالي ڪرڻ جي حق ۾ آهن، ڇو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ دوست ملڪن جو به دٻاءُ  آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن جيئن وڏي سيڙپڪاري جا معاملا چونڊيل  حڪومت سان طئه ڪيا وڃن، طاقتور حلقن ۾ انهي اختلاف سبب چونڊن جي تاريخ  بابت اڳ ڪٿيون ۽ افواهه جنم وٺي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.