سنڌ مان افغانين سميت ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي: سيو سنڌ ڪميٽي

ڪراچي (  پ ر ) سيو سنڌ ڪميٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر  ٽيپو سلطان،  پروفيسر توصيف احمد  خالق جوڻيجو،  ناصر منصور ، انيس هارون ،  ايڊووڪيٽ شهاب سرڪي ، خالق زدران،  شهاب اوستو، ،خداڏنو شاهه ۽ ٻين  پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته  اسان سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي ڊيمو گرافي تي پوندڙ خراب اثرن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيون ٿا،   اڳواڻن چيو ته  پاڪستان ٺهڻ جي پهرين ڏينهن کان  سنڌ ۾ ٻاهرين ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، پر ان ۾ وڏي پيماني تي ڇڙواڳ واڌارو  افغانستان جي جنگي صورتحال جي ڪري  آيو آهي ، ان يلغار جي سياسي سماجي ، اقتصادي نتيجن ۽ بدامني جي حوالي سان سڄو ملڪ متاثر ٿيو آهي سڀ کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ اثر اتر سنڌ ۽ خاص ڪري گادي واري شهر ڪراچي تي پيا آهن  جن جو ادراڪ ۽ اظهار ميڊيا۽ اعليٰ عدالتن ذريعي به آڏو ايندو رهيو آهي ،هنن چيو ته اسان مطالبو ٿاڪريون ته  افغانين سميت سمورن غير ملڪين کي پنهنجي ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي ان سان گڏ وگو ٻين صوبن کان روزگار لاءِ سنڌ ۾ ِ ايندڙ ۾ ايندڙن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي ، ملڪيت خريدڻ ۽ ووٽ ڏيڻ جي حق کي محدود ڪيو وڃي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.