مڇر ڪالوني ۾ پلاٽن جو تڪرار، 3 ڄڻا مارجي ويا، جوابدار گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ڊاڪس ٿاڻي جي حد ۾ ٻن گروپن ۾ فائرنگ ۾ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا. مڇر ۾  فائرنگ جو واقعو پوليس موجب فائرنگ ۾ 3 ڄڻا 1- سراج السلام عرف سراجي، 2- عبدالاسلام ۽ 3- معبود مارجي ويا. پوليس بروقت ڪارروائي ڪندي واقعي ۾ ملوث مرڪزي جوابدار نثار پٺاڻ ۽ سندس ڀاءُ گلزار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار، هڪ رائفل ۽ هڪ پستول هٿ ڪيو ويو آهي. واقعي تي ايم ڪيو ايم پ پ تي حملي جو الزام هنيو. ايم ڪيو ايم اڳواڻ انيس قائم خاني چيو ته پ پ وارن سندن ڪارڪنن تي حملو ڪيو. ايم ڪيو ايم جي بيان تي ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ قادر پٽيل چيو ته ايم ڪيو ايم کي لاشن ۽ الزامن جي سياست کان پاسو ڪرڻ گهرجي. مقتول سراج  عرف سراجي تي مختلف ڏوهن تي قتل جو ڪيس پڻ داخل ٿيل هو . مقتول سراج عرف سراجي تي اي اين پي جي ڪارڪن حاجي نظر جي پٽ کي قتل ڪرڻ ۽ لاش سمنڊ ۾ اڇلائڻ جو الزام آهي.  مڇر ڪالوني ۾ فائرنگ واري واقعي ۾ اسان جي ڪارڪنن کي ملوث ڪرڻ شرمناڪ عمل آهي. سراجي تي فائرنگ  ڪندڙ اي اين پي جو ڪارڪن نثار پنهنجي ساٿي سميت گرفتار ڏئي چڪو آهي. مقتول سراج عرف سراجي ۽ مبينا قاتل بابت مقامي ماڻهن جو تعلق، پوليس کي حقيقتون معلوم آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.