ايس يو پي پاران زمينن تي قبضن خلاف مظاهرن جو اعلان

ڄامشورو( ڊ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي خاتمي جو عزم ورجائيندي ملڪي زمينن تي قبضن خلاف سڄي سنڌ ۾ 16 ڊسمبر تي احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اعلي’ سطحي اجلاس جي ايم سيد منزل ڄامشورو تي پارٽي چيئرمين سيد جلال محمود شاھ جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو، اجلاس ۾ پارٽي صدر سيد زين شاھ، جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا، روشن علي ٻرڙو، امير آزاد پنھور، منير نائچ، سيد منير حيدر شاھ، عارف نياز آرائين، انعام ڪالاڻي، مختيار ميمڻ، رمضان ٻرڙو، خواجا نويد امين خواجا ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ پارٽيءَ جي حڪمت عملي، چونڊ اتحاد، سنڌ جي زرعي زمينن جي الاٽمينٽ ڪرڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان ڀرپور نموني سان حصو وٺي سنڌ کي پيپلز پارٽي کان ڇوٽڪارو ڏياريو ويندو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ جون زمينون ترقي جي نالي تي ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، اسان پاڪستان سوڌو سنڌ جي ترقي جا مخالف ناهيون، پر اهڙي ترقي جيڪا ملڪ جي عوام کي بي گهر ۽ بيروزگار ڪري اهڙي منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.