سنڌ جي زمينن کي عالمي سرمائيدارن جي جهولي ۾ اُڇلائڻ خلاف مزاحمت ڪئي ويندي: عوامي تحريڪ/اي ڊبليو پي

حيدرآباد (پ ر) زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن جي نيلامي خلاف 14 ڊسمبر تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ طرفان سڏايل ڪانفرنس جون تياريون جاري آهن. ان سلسلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار پارٽي وفد سميت عوامي ورڪرز پارٽي جي قاسم آباد ۾ موجود آفيس پھچي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو سان ملاقات ڪري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. عوامي تحريڪ ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻن جي ملاقات دوران گڏيل صلاح ٿي ته پاڪستان جي کاٻي ڌر جي اتحاد ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ جو اجلاس جلد لاهور ۾ گهرايو ويندو، ان لاءِ اتحادي ڌرين سان صلاح مصلحت هلندڙ آهي. اجلاس ۾ زرعي انقلاب جي نالي ۾ زمينن جي نيلامي خلاف ملڪ گير تحريڪ هلائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي اهم فيصلا ڪيا ويندا. ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جا حڪمران هارايل ۽ قرضي جواري وانگي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ عوام جي وسيلن ۽ زمينن کي عالمي ۽ وچ اوڀر جي سرمائيدارن جي جهولي ۾ اُڇلڻ جو فيصلو ڪري چُڪا آهن، جنهن جي هر صورت ۾ مخالفت ۽ مزاحمت ڪئي ويندي.  هن چيو ته زرعي سڌُارا ڪري زمينن کي سنڌ جي اسي سيڪڙو بي زمين هارين ۾ ورهايو وڃي ۽ اسان هن ڪوڙي زرعي انقلاب کي رد ٿا ڪيون نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌ سميت ملڪ جو عوام زرعي انقلاب جي نالي ۾ زمينن تي قبضا برداشت نه ڪندو. ملڪي اسٽيبلشمينٽ قومن جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن جو ملڪ دشمن سلسلو بند ڪري. پوري ملڪ جو عوام زمينن ۽ وسيلن جي نيلامي خلاف آواز اٿاريندو. هن چيو ته گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو تحت چوبارا ڪئنال جوڙي سنڌ سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو  سميت سنڌو درياهه جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن جو سلسلو بند ڪيو وڃي. سنڌو درياهه تي ڪو به ڊيم يا ڪينال سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.