پ پ حڪومت بحريا ٽائون کي 1300 ارب جو فائدو ڏنو، زرداري ”سسٽم“ جو سرواڻ آهي: رائو انوار

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ملير جي  اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار چيو آهي ته نقيب الله قتل ڪيس ۾ ڪنهن وٽ مون خلاف ثبوت ناهي، پهرين ڳالهه ته مارجي ويل جو نالو نقيب الله ته هوئي نه ،بي فارم، شناختي ڪارڊ  تيڏيکاريو، اهو نسيم الله جي نالي سان هو، 2011ع ۾ هن جو شناختي ڪارڊ ٺهيو هو، ايڊٽ ڪري نوجوان جي تصوير هنئي وئي، هن چيو ته افغانستان ۽ انڊيا کان سوشل ميڊيا تي ان معاملي تي اسان جي ملڪ کي بدنام ڪيو ويو، پروپيگنڊا ڪئي وئي، ان ڪري ته مان انڊين دهشتگردن ۽ ٻين خلاف ڪم ڪري رهيو هئس، مان 95 ع ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪم ڪيو، وزيرستان ۾ پابندي مڙهيل پابندين خلاف ڪم ڪيو هو، منهنجو علائقو مني وزيرستان سڏيو ويندو هو، مارجي ويل خلاف ٻه ايف آءِ آر ز داخل ٿيل هيون، هن هڪ ماڻهو کي اغوا به ڪيو هو، هن چيو ته منهنجي اڳوڻي چيف جسٽس(ر)ثاقب نثار خلاف ڪا به شڪايت نه هئي، منظور پشتين جي درخواست تي هن پاڻمرادو نوٽيس وٺي هنگامو ڪري ڇڏيو، هن ميڊيا چئنلن کي هدايت ڪئي هئي ته منهنجا بيان شايع نه ڪيا وڃن، نوٽيس باوجود مان نه آيس ته اڳوڻي چيف جسٽس دوست ذريعي پيغام موڪليو ته عدالت اچي وڃو،ضمانت ڏئي بري ڪري ڇڏيندس مان پاڻ پيش ٿيو هئس، مان ڪار ۾ ويهي سپريم ڪورٽ پيش ٿيو هئس،ثاقب نثار کان پڇا ڪريو ته هو منهنجي خلاف ايئن ڇو ڪري رهيو هو، اسان جي پوليس ۾ گروپنگ هئي، هڪ رٽائرڊ جج انهن سان گڏ هو، هن چيو ته را جا ايجنٽ هاڻي پاڪستان ۾ ناهن، ايم ڪيو ايم پاڪستان هاڻي صاف ٿي نيچرل سياست ڪري رهي آهي، بينظير قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي تي مون صحيح نه ڪئي هئي، جنرل(ر) پرويز مشرف سئو سيڪڙو بيگناهه هو، هن چيو ته پوليس بلڪل ملڪ جو ڪرپٽ ترين ادارو آهي، 99.9 سيڪڙو پوليس آهي، انهن کي موبائل جا ٽائر، جاچ لاءِ پئسا نٿا ملن، هاڻي ته ڏسو پوليس وارا ڌاڙا ۽ ماڻهو اغوا پيا ڪن، 2017ع ۾ آدم شماري لاءِ پوليس جي ڊيوٽي لڳل هئي،سنڌ کان اهلڪار مقرر ڪيا ويا، ٽن مهينن کانپوءِ هر ضلعي ۾ پوليس کي 70 لک ڏنا ويا، ٿاڻن کاڌي پيتي لاءِ سڄي ادائيگي ڪئي،هن چيو ته ڪراچي دبئي جهڙو شهر هو، پارسي ۽ عيسائي رهندا هئا، ان کانپوءِ ڪراچي بگڙجندي وئي، 15 سالن دوران ڪراچي ۾ پوليس کي ٻين ڪمن سان لڳايو ويو آهي، پنج سالن ۾ اسٽريٽ ڪرائم وڌيو آهي، ان جو نقصان سنڌ حڪومت کي ٿيندو، 94ع ۾ آپريشن ٿيو،بينظير ڀٽو حڪم ڏنو هو ته ڪراچي ۾ ڪرائم ختم ٿيڻ گهرجي، هاڻي بينظير ناهي ته ڪراچي جو حال ڏسو، هاڻي پئسي جي سياست آهي ته اسان هن کي خريد ڪري ڇڏينداسين، ڪراچي ۾ سسٽم بڻايو، زمينن تي قبضا ڪريو، مختيارڪار پنهنجا رکو، رڪارڊ ساڙي ڇڏيو،هن چيو ته  ڪراچي ۾ قبضن ۾ سياستدان ملوث آهن،رينجرز جو آپريشن پ پ جي ڳچي ۾ پيو هو، ڊاڪٽر عاصم پڪڙيو ويو هو، هاڻي سڄو ڪم پوليس جي ذريعي بڻايو پيو وڃي، قبضا پوليس ذريعي ٿي رهيا آهن، ڪٿي به شنوائي نٿي ٿئي،ڪراچي ۾  5 سالن ۾ 700 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، اهو سڄو پئسو ”سسٽم“ جا ماڻهو ٻاهرين ملڪ کڻي ويا آهن،هر هنڌ تي انهن جي ملڪيت آهي، سنڌ حڪومت جي ماڻهن جون آمريڪا، لنڊن، فرانس، چين، سعودي عرب ۾ ملڪيتون آهن، مديني ۾ انهن بلڊنگون ٺاهرائي ڪرائي تي ڏئي ڇڏيون آهن، مني لانڊرنگ ٿي رهي آهي، 2018ع ۾ اهي پڪڙيا ويا هئا، جي آءِ ٽي ٺهي هئي، ڪو فالودي واري ۽ ڪنهن ٻئي نالي تي پئسا کڻي ويو، جعلي اڪائونٽس ذريعي بلاول هائوس جي کاڌن جي ادائيگي ٿي، اهي سڀ ڳالهيون جي آءِ ٽي ۾ آهن، هن چيو ته اويس مظفر ٽپي کي اختيار ڏنا ويا هئا بعد ۾ زرداري صاحب جا هن سان اختلاف ٿيا، هن کان پاور واپس ورتا ويا هئا، ڪراچي ۾ اڪثر زمينون پارسين، هندن، گبول،جوکين ۽ بلوچن جون هيون، ٻئي ڪنهن جون پراپرٽيون نه هيون ،ان کان علاوه ڀارت مان جيڪي ماڻهو لڏي آيا هئا، انهن کي ڪليم ۾ جيڪي ملڪيتون هيون، هاڻي ته ڌڙا ڌڙ ڳوٺ ٺاهي قبضا ڪيا ويا آهن، انهن شين جي جاچ ٿئي ته وڏو پئسو نڪري سگهي ٿو، اهي(پ پ وارا) معاشي دهشتگرد آهن، هن چيو ته عدالتن ۾ ڊاڪٽر عاصم جا اڄ به ڪيس هلي رهيا آهن، پر اسان وٽ عدالتي نظام ئي اهڙو آهي، ڊاڪٽر عاصم جو پيٽروليم وزارت سان ڪهڙو واسطو هو، هن کي ته صحت جي وزارت ڏيڻ گهرجي ها، سسٽم جو اصل هيڊ آصف زرداري آهي هن کانپوءِ هيٺ يونس ميمڻ، يونس قدوائي آهي، ڪراچي ۾ هڪ ٻيو آهي جيڪو قبضن جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، اهو 60،50 ماڻهن جو گروپ آهي انهن کي پڪڙيو وڃي ته هر شئي ملي ويندي، ڪنهن اداري ۾ شڪايت آئي ته انهن لکيو آهي ته اهي ڪم نه ڪريو، ڪراچي ۾ روزانو اربين رپيا ٺهن ٿا،ملير ۾ اڳ ۾ 50 لک رپين جو ايڪڙ ملي يوندو هو، هاڻي 5 کان 10 ڪروڙن ۾ ايڪڙ زمين ملي ٿي، طارق روڊ تي ته اربين رپين جي ڳالهه ڪريو،هن چيو ته  زرداري وٽ پهرين ڇا هو، هڪ بلاول هائوس، آواري ٽاور جي پٺيان سندس والد جو  پراڻو گهر ۽ نوابشاهه ۾ هڪ گهر آهي، هاڻي ته نوابشاهه ۾ ڪيترائي گهر آهن، نئين ديري ۾ هاڻي انهن جي گهر ۾  هيليڪاپٽر لهي ٿو، اهي گاڏين مان هاڻي بم پروف گاڏين تي اچي ويا،غريب ماڻهو ته موٽرسائيڪل کان سائيڪل تي اچي ويو، هن چيو ته بلاول هائوس آسپاس گهر خالي ڪرائڻ ۾ عذير بلوچ جو هٿ هو اها مون کي خبر ناهي، جيل ۾ جيترا به ڪرمنل هئا انهن سان آصف زرداري جي دوستي هئي، عذير بلوچ جي ذوالفقار مرزا سان دوستي هئي، مرزا اڄ به هن سان دوستي نڀائي پيو، بلاول هائوس جي آسپاس گهر زبردستي گهر خالي ڪرايا ويا هئا، مشتاق آصف زرداري جو خاص ماڻهو آهي،هو کيس دوائون ۽ ماني ڏيندو هو،  ايان علي کي ايئرپورٽ تي به مشتاق ئي ڇڏڻ آيو جڏهن ايان علي کان 5 لک ڊالر پڪڙيا ويا هئا، ان ئي مشتاق جي اڪائونٽ ۾ بحريا ٽائون مان 8 ارب رپيا وڌا ويا ،زين ملڪ وڌا هئا، ان تي ڪيس به ٺهيو هو، هن کي دبئي کان لنڊن ڀڄايو ويو هو، اهي ثبوت آهن، هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي ذوالفقار مرزا سٺا سيڪيورٽي انتظام ڪيا هئا،16 سال ٿي ويا آهن،اڄ تائين هن ڪيس ۾ هڪ ماڻهو به پڪڙيو ناهي ويو، بلاول کان پڇا ڪريو ته توهان ڇا ڪيو، بينظير جي سيڪيورٽي تي مقرر ماڻهن جو ڪرمنل رڪارڊ آهي، خالد شهنشاهه جو ڪرمنل رڪارڊ هو، بلال شيخ تي ڪيس هئا، اهي سڀ ماڻهو آصف زرداري مقرر ڪيا هئا، بينظير جو خون انهن لوڙهيو، سنڌ جا غريب ماڻهو انهن ۾ ڦاٿل آهن، فاطمه ڀٽو واپس نه پئي اچي، ذوالفقار جونيئر جنهن ڏينهن بيٺو سنڌ ۾ پ پ کي هڪ سيٽ به نه ملندي، نثار مورائي تي جي آءِ ٽي ٺهي، عالم بلوچ، جسٽس سجاد جو قتل ٿيو ۽ لاهور جي هڪ جج تي فائرنگ ڪئي وئي، مون کي آءِ جي سنڌ چيو ته گهرو وزير سهيل انور سيال جيڪو چوي جي آءِ ٽي ۾ ايئن ڪريو، نثار مورائي فريال ٽالپر کي به پئسا پهچائيندو هو،مرتضيٰ وهاب قانون وارو وزير هو ، هن مون کي لکت ۾ چيو ته اهي سڀ شيون ڪٽيو، هي لکو، مون وٽ اهي سڀ ثبوت آهن، 18 صفحن تي ٻڌل اصل جي آءِ ٽي مون وٽ آهي، فريال ٽالپر کي هر مهيني ملندڙ 50 لک رپيا واري ڳالهه ڪٽڻ جو چيو ويو ،هن چيو ته بحريا ٽائون منهنجي ايريا ۾ اچي ٿو، زمين ايم ڊي اي ۽ مختيارڪار ڏني، ملڪ رياض ڳوٺاڻن کان زمينون ورتيون، جي آءِ ٽي ۾ آهي ته پ پ حڪومت ملڪ رياض کي 1300 ارب رپين جو فائدو ڏنو ،بحريا ٽائون کي  سستي زمين ڏني وئي، 92ع ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي جا عامر خان ۽ آفاق احمد اسان کي انفارميشن ڏيندا هئا، 2008ع ۾ آصف زرداري نائن زيرو تي وڃي ايم ڪيو ايم وارن کي سنڌي ٽوپيون پارايون،

رائو انوار جا الزام رد، هو اسڪرپٽ پيو پڙهي: شازيا مري

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز (پي پي پي پي) جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته رائو انوار جعلي پوليس مقابلن جي شهرت رکندڙ بدنام سيريل ڪلر آهي. هن چيو ته رائو انوار جا سمورا الزام بي بنياد آهن، لڳي ٿو هو ڪو اسڪرپٽ پڙهي رهيو آهي. پ پ ترجمان چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هن وقت تمام سرگرم سياسي اڳواڻ آهي پر ڪجهه ماڻهن کي پسند ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جو ميڊيا ٽرائل ڪافي عرصي کان هلي رهيو آهي، اهڙين گندي حڪمت عملين سان پيپلزپارٽي جي وقار تي ڪا به فرق نه پوندو.

قتل الزام هيٺ آيل رائو انوار جو انٽرويو بلاول ڀٽو جي بيانن جو رد عمل !

لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار جو هن وقت انٽرويو اچڻ جو مقصد آصف علي زرداري کي پيغام آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري  جي اسٽيبلشمينٽ مخالف بيانن جو رد عمل آهي، صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو  جي سخت  بيانن کانپوءِ آصف علي زرداري کي پيغام مليو هو ته پنهنجي پٽ کي سمجهايو ۽ پنجاب ۾ پيپلز پارٽي کي سگهارو ڪرڻ لاءِ سياسي ڀڃ ڊاهه کان پاسو ڪريو ڇو ته ٺهيل ٺڪيل راند خراب  ٿي ويندي. ان باوجود بلاول ڀٽو زرداري لڳاتار نواز شريف ۽ اسٽيبلشمينٽ کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو.  جنهن جي موٽ ۾ رائو  انوار کي ميدان ۾ لاٿو ويو آهي، جڏهن ته رائو انوار  کي اڳ آصف زرداي جو ٻچو سمجهيو ويندو هو. هاڻي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي رد عمل جو انتظار رهندو. جڏهن ته ان حوالي سان نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چو ڻ آهي ته رائو انوار هڪ ڏوهاري قسم جو آفيسر رهيو آهي، جنهن تي سوين ماڻهن جي قتل جو الزام آهي، جنهن کي اسٽيبلشمينٽ  تحفظ ڏيندي ۽ پاليندي رهي آهي. هن وقت جڏهن بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي والد کان ٿوري مختلف سياست ڪرڻ چاهي ٿو ته هڪ  ڏوهاريءَ کي سياست ۾ داخل ڪيو ويو آهي. اها نواز شريف کي سڀ کان وڌيڪ ڄاڻ آهي ته رائو انوار ڪنهن جو ماڻهو آهي. جنهن لاءِ اعليٰ  عدالت  جا خاص درکليا هئا ۽ چيف جسٽس انتظار ڪري پڇي رهيو هو ته رائو انوار ڪاٿي آهي. جڏهن رائو انوار ايس ايڇ  او هو ته ڪراچيءَ  جي ان وقت جي ڊي آءِ جي سندس بدلي ڪئي ۽ سندس جاءِ تي جنهن کي مقرر ڪيو ان کي رائو انوار چارج ڏيڻ بدران اونڌو ٽنگي تشدد جو نشانو بڻايو هو. صحافي نقيب الله محسود جي قتل جو الزام  پڻ رائو انوار تي لڳو ان باوجود ان وقت جي وزير اعظم نواز شريف ڊ ي آءِ جي کي فون ڪري رائو انوار جي بدلي روڪڻ يا عهدو ڇڏڻ  لاءِ چيو جنهن تي ان وقت جو ڊي آءِ جي عهدو ڇڏي هليو ويو هو. رائو انوار قوم جي ڪابه خدمت نه ڪئي آهي، ان جو انٽرويو ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي، صرف ۽ صرف آصف زرداريءَ  کي پيغام ڏيڻو هو. جنهن لاءِ اسٽيبلشمينٽ رائو انوار کي ميدان ۾ لاٿو  آهي، پر سياست ۾ اهي ڪارروايون چڱو عمل نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.