پرويز الاهي جي گهرڀاتين جي عارضي ضمانت ختم ڪرڻ لاءِ درخواست تي اڄ ٻڌڻي

لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي گهرڀاتين جي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ عارضي ضمانتن کي ختم ڪرڻ  لاءِ ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي اڄ سومر تي ٿيندي. جسٽس شهرام سرور چوڌري جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ايف اءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

ڪراچي ۾ گهر مان کوٽائي دوران انساني ڍانچو هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ هڪ گهر مان کوٽائي دوران انساني ڍانچو هٿ آيو آهي پوليس موجب مزدور اورنگي ٽائون فقير ڪالوني ۾ هڪ گهر  ۾ کوٽائي ۾ مصروف هيا ته انساني ڍانچو هٿ آيو، علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو ۽ پوليس پاران جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس جو چوڻ آهي ته انساني ڍانچو ڪجهه مهينا پراڻو آهي ان جي سڃاڻپ ممڪن نه آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.